20 خميس , سيپٽمبر 2018

ڦٽڪيءَ جا حيرت ڏياريندڙ فائدا، جن بابت توهان اڻ ڄاڻ آهيو…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڦِٽڪي هڪڙي قسم جو لوڻ آهي، جيڪا توهان کي بازار ۾ سولائيءَ سان ملي ويندي، ان جو استعمال خاص طور تي پاڻي صاف ڪرڻ ۽ شيو ڪرائڻ کانپوءِ چهري کي جراثيمن کان پاڪ ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو آهي پر ان ڳالهه کان توهان شايد اڻ وقف هجو ته ان جا ٻيا به ڪيترائي فائدا آهن.

1: چهري جا موهيڙا ۽ چُٽا ختم ڪرڻ لاءِ:

چهري تان موهيڙا ۽ چُٽا ختم ڪرڻ لاءِ پيسيل ڦٽڪي کي پاڻي ۾ شامل ڪري ان جاءِ تي هڻي ڇڏيو ۽ 20 منٽن کانپوءِ مُنهن ڌوئي ڇڏيو پر جيڪڏهن توهان کي چهري تي ساڙو محسوس ٿئي ته فوري طور منهن ڌوئي ڇڏيو ۽ اهو ٽوٽڪو نه ورجايو.

2: چهري تان گُهنج ختم ڪرڻ لاءِ:

چهري تان گُهنج ختم ڪرڻ لاءِ ڦٽڪي جي ننڍڙي ٽڪري کي ڀِڄائي آهستي آهستي مُنهن تي رَهڙيو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ گلاب جي پاڻي سان مُنهن ڌوئي ڇڏيو، ان کانپوءِ توهان موئسچرائزر جو استعمال به ڪري سگهو ٿا.

3: خارش جي خاتمي لاءِ:

خارش ٻن قسمن جي هوندي آهي ۽ ٻنهي صورتن ۾ تڪليف ڏيندي آهي، ان کان ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻ لاءِ ڦٽڪي کي ساڙي رَک ڪري ان ۾ بيضي جي اڇاڻ گڏائي مساج ڪيو.

4: خُشڪي مان ڇوٽڪاري لاءِ:

مٿي ۾ خُشڪي جي صورت ۾ هڪ چپٽي پيسيل ڦٽڪي ۽ لوڻ شيمپو سان گڏائي وارن تي هڻو ۽ ڪجهه دير کانپوءِ مٿو ڌوئي ڇڏيو.

ڦاٽَل کُڙين لاءِ:

5: ڦِٽڪي کي خالي پيالي ۾ ايترو گرم ڪيو جو اها ڳري فوم جي شڪل اختيار ڪري وڃي ۽ ٿڌي ٿيڻ کانپوءِ ان ۾ ناريل جو تيل شامل ڪري متاثر حصن تي لڳايو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ٽماٽو اسڪن ڪيئر لاءِ به بهترين ميوو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ٽماٽو روز مرهه جي غذا جو اهم جز آهي ۽ کائڻ جي ذائقي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے