20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

عوامي آواز نيوز | ترقي اشتهارن ۾ نه زمين تي ٿيندي آهي، ماڻهو چوندا هئا ته پاڪستان ۾ ڪينسر اسپتال نٿي بڻجي سگهي: پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ترقي اشتهارن ۾ نه زمين تي ٿيندي آهي، ماڻهو چوندا هئا ته پاڪستان ۾ ڪينسر اسپتال نٿي بڻجي سگهي، سندس چوڻ هو ته جڏهن اوهان مخلص هجو ۽ خواب وڏو هجي ته الله طرفان مدد اچي ويندي آهي، جنهن ڏينهن جڏهن ڪوئي پنهنجي خواب تي سمجهوتو ڪندو آهي تڏهن اهو هارائي ويندو آهي. عمران خان چيو ته ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ ماحوليات بابت فيصلا ڪرڻا پوندا، هن چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن کانسواءِ ڪجهه سوچي نٿو سگهجي، سڀني جون نظرون رڳو چونڊون کٽڻ تي هونديون آهن، هن جو چوڻ هو ته آلودگي ۽ حدت ۾ اضافو، ملڪ جا وڏا مسئلا آهن، معمول جي آلودگي به انسان جي زندگي 11 سال گهٽ ڪري ڇڏيندي آهي، ملڪ ۾ آلودگي ٻارن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي. پي ٽي آءِ سربراهه وڌيڪ چيو ته ٻين ملڪن ۾ ماحوليات بابت معاملا نصاب ۾ شامل آهن. پر حڪومت جي ناڪام پاليسين سبب روڊن جي ڀرپاسي وڻڪاري مهم نٿي ڪئي وڃي………………….

هي به ڏسي سگهو ٿا

عوامي آواز نيوز:فائونڊيشن پاور پلانٽ ڪميپني داد لغاري جي انتظاميه جون ڪاڪرنن سان نا انصافيونم ورڪرن جو احتجاج

*- فائونڊيشن پاور پلانٽ ڪمپني دادلغاري جي انتظاميه جي ورڪر دشمن ڪاررواين خلاف ورڪرن ۽  …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے