19 اتوار , نومبر 2017

دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان جو وجود ختم نٿي ڪري سگهي: آرمي چيف

راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا چيو آهي ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان جي وجود کي ختم نٿي ڪري سگهي، هر قسم جي روايتي خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسان جي پيشيوراڻي تياري مڪمل آهي، ملڪ جي بچاءَ لاءِ سڀني رياستي ادارن کي مفاد ۾ ڪم ڪرڻو پوندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن منگلا ڪور جي دوري دوران آفيسرن ۽ جوانن کي خطاب دوران ڪيو. جنرل قمر جاويد باجوا جو چوڻ هو ته قائداعظم چيو هو ته دنيا جي ڪا به طاقت پاڪستان کي ختم نٿي ڪري سگهي، اسان ڊگهي سفر کانپوءِ چئلينجن تي ضابطو آندو آهي، انشاءَ الله پاڪستان جلد عالمي قومن جي پهرين صف ۾ شامل ٿيندو. هن چيو ته ترقي لاءِ رڳو پختي عزم ۽ قوم طور متحد رهڻ جي ضرورت آهي. دوري دوران آرمي چيف تربيتي مشقن جو جائزو ورتو ۽ جوانن جي حوصلي توڙي تربيتي معيار جي واکاڻ ڪئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے