19 اتوار , نومبر 2017

ڊگهي عرصي بعد موٽرولا جو ٽيبلٽ مارڪيٽ ۾ اچي ويو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): مشهور آمريڪي ڪمپني موٽرولا پنجن سالن بعد پنهنجو پهريون نئون ٽيبليٽ متعارف ڪرائي ڇڏيو، جنهن کي هڪ ئي وقت موبائل، ٽي وي ۽ ڪمپيوٽر طور استعمال ڪري سگهجي ٿو، خيال رهي ته موٽرولا ان  کان اڳ پنهنجو آخري ٽيبليٽ ”زي بورڊ“ 2012 ۾ متعارف ڪرايو ويو، جنهن بعد ڪمپني هاڻي جديد ۽ ڪيترن فيچرز سان نئون ٽيبليٽ ”موٽو ٽيب“ پيش ڪري ڇڏيو آهي، خيال رهي ته موٽرولا اهو ٽيبليٽ لنوو جي مدد سان تيار ڪيو آهي، ڏهه انچ کان وڌيڪ ايڇ ڊي ڊسپلي اسڪرين رکندڙ ”موٽو ٽيب“ جي فرنٽ تي اعليٰ ڪوالٽي جا 2 ڊوئل باءِ جا اسپيڪر ڏنا ويا آهن، جڏهن ته ان ۾ ايڇ ڊي ريزلٽ جو ريئر ڪيمره به ڏنو ويو آهي، ”موٽو ٽيب“ جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان تي هڪ ئي وقت 7 ماڻهو پنهنجو پرسنل اڪائونٽ بڻائي سگهن ٿا ۽ سمورا ماڻهو ذاتي فنگر پرنٽ ذريعي پنهنجي اڪائونٽ تائين پهچ حاصل ڪري سگهندا، ”موٽو ٽيب“ کي ٽي وي ۽ ڪڊز موڊ ۾ بڻايو ويو آهي، رڳو هڪ ڪلڪ ڪرڻ ذريعي ٽيبليٽ مان ٽي وي موڊ تي ۽ اتان ڪڊز موڊ تائين پهچ حاصل ڪري سگهجي ٿي، اسنپپ ڊريگن 625 پروسيسر رکندڙ موٽو ٽيب ۾ 2 جي بي ريم سان گڏوگڏ ان ۾ ٿري ڊي گيمنگ جا فيچربه ڏنا ويا آهن، ست هزار ايم اي ايڇ بيٽري رکندڙ موٽو ٽيب ۾ اينڊرائڊ 7.1 جو آپريٽنگ سسٽم ڏنو ويو آهي، موٽرولا جي ان ٽيبليٽ کي سڀ کان پهرين آمريڪا ۾ هلندڙ مهيني 17 نومبر تي وڪري لاءِ پيش ڪيو ويندو، جنهن بعد ئي ان کي ٻين ملڪن تائين پيش ڪيو ويندو، 300 آمريڪي ڊالرز جي موٽو ٽيب کي ايندڙ سال جي شروعات ۾ ٻين ملڪن ۾ وڪري لاءِ پيش ڪرڻ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے