19 اتوار , نومبر 2017

يمن ۾ آپگهاتي حملو، 8 فوجين سوڌو 10 ڄڻا مارجي ويا

صنعاء (ويب ڊيسڪ): يمن جي ڏاکڻي شهر عدن ۾ اڄ اڱاري ڏهاڙي هڪ آپگهاتي حملو ڪندڙ پنهنجي بارود سان ڀريل هڪ گاڏي کي ڌماڪي سان اڏائي ڇڏيو، اهو حملو شهر ۾ سڪيورٽي فورسز جي هڪ ڪيمپ ٻاهران ڪيو ويو، جنهن ۾ آخري خبرون اچڻ تائين گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو مارجي چڪا هئا، عدن جي علائقي منصوره ۾ سڪيورٽي بيلٽ سڏائيندڙ علائقي ۾ ڪيل ان حملي ۾ ڪيترائي ماڻهو زخمي به ٿيا، دهشتگرد تنظيم اسلامڪ اسٽيٽ ان حملي جي ذميداري قبول ڪري ورتي آهي، عدن ۾ سڪيورتي عملدارن موجب ان بم ڌماڪي ۾ مارجي ويلن ۾ 8 فوجي ۽ 2 شهري شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے