19 جمعہ , جنوری 2018

مهاجرن کي روڪڻ لاءِ يورپي پاليسيون ”غير انساني“ آهن: گڏيل قومون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): گڏيل قومن غير قانوني ملڪ ڇڏيندڙن جي يورپ ۾ آمد کي روڪڻ لاءِ يورپي يونين جي پاليسين کي ”غير انساني“ قرار ڏنو آهي، يورپي يونين طرفان رومي سمنڊ جي پاڻين ۾ مهاجرن کي روڪڻ ۽ انهن کي لبيا ۾ قائم حراستي مرڪزن ۾ اماڻڻ ۾ طرابلس ۾ عملدارن سان سهڪار ڪيو پيو وڃي، گڏيل قومن جي انساني حقن واري ڪمشنر زيد رعدالحسين موجب لبيا ۾ حراست هيٺ پناهگيرن کي جيڪو ڪجهه برداشت ڪرڻو پوندو آهي، اهو انساني ضمير لاءِ شرمناڪ آهي، هن خبردار ڪيو ته ان صورتحال سان وڌيڪ خرابي پيدا ٿي رهي آهي، الحسين خاص طور اٽليءَ جي عملدارن تي به تنقيد ڪئي، جيڪي ان سلسلي ۾ طرابلس ۾ عملدارن سان سهڪار جاري رکيون پيا اچن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت جي ڪا به گنجائش ناهي: وزير اعظم شاهد خاقان عباسي

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته آئين ۾ ٽيڪنوڪريٽ حڪومت …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے