19 اتوار , نومبر 2017

زلزلي متاثر علائقن جي ٻيهر تعمير جلد شروع ڪبي: ايراني صدر

تهران (ويب ڊيسڪ): ايراني صدر حسن روحاني تازي زلزلي متاثر علائقن جو دورو ڪندي انهن جي نئين سر تعمير واري عمل ۾ تيز رفتاري جي خاطري ڪرائي آهي، هن چيو ته انتظاميا گهٽ ۾ گهٽ وقت ۾ ايئن ڪندي ۽ ان سلسلي ۾ مالي سهڪار سميت متاثرن کي قرض به فراهم ڪيا ويندا، صدر روحاني زلزلي تي افسوس جو اظهار ڪندڙ پرڏيهي اڳواڻن جا به ٿورا مڃيا، ايران ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات آيل ريڪٽر اسڪيل تي 7.3 جي زلزلي جي نتيجي ۾ 450 ماڻهو فوت ۽ ست هزار کان وڌيڪ ماڻهو زخمي ٿي پيا هئا، ايران ۾ اڄ يوم سوڳ به ملهايو پيو وڃي، ان زلزلي سبب عراق ۾ به اٺ ماڻهو فوت ۽ سوين زخمي ٿيا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے