19 اتوار , نومبر 2017

چونڊون وقت تي ٿينديون ۽ جمهوريت هلندي رهندي: شاهد خاقان عباسي

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بلوچستان لاءِ 10 سالن جي پيڪيج جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن ۾ اسڪول، بجلي، گئس ۽ صاف پاڻي جي فراهمي شامل هوندا، ڪوئيٽا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو ته حڪومت هلي رهي آهي، جيڪا جون 2018 ۾ مدو پورو ڪندي ۽ ٻن مهينن بعد چونڊون ٿينديون،سندس چوڻ هيو ته حڪمراني آئين موجب ٿيندي آهي ۽ قانون جي بالادستي قائم رهڻ گهرجي، وزيراعظم شاهد خاقان عباسي بلوچستان لاءِ 10 سالن جي پيڪيج جو اعلان ڪندي ان پيڪيج ۾ اسڪول، گئس، بجلي ۽ پيئڻ جي صاف پاڻي جي فراهمي شامل هوندي، هن چيو ته گئس، بجلي، پاڻي جي اسڪيمن تي ڪم ڪيو ويندو، جڏهن ته گئس جي اسڪيمن تحت هر ضلعي ۾ ايل پي جي پلانٽ لڳي رهيو آهي، سندس چوڻ هيو ته بلوچستان پيڪيج جو اڌ فنڊ وفاق ۽ اڌ صوبائي حڪومت ادا ڪندي ۽ ڪوشش هوندي هر ٻئي مهيني ڪوئيٽا اچي ان عمل جو جائزو ورتو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے