22 جمعو , جون 2018

ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ ماحوليات بابت فيصلا ڪرڻا پوندا، وڻ پوکڻا پوندا: عمران خان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان چيو آهي ته ترقي اشتهارن ۾ نه زمين تي ٿيندي آهي، ماڻهو چوندا هئا ته پاڪستان ۾ ڪينسر اسپتال نٿي بڻجي سگهي، جڏهن اوهان مخلص هجو ۽ خواب وڏو هجي ته الله طرفان مدد اچي ويندي آهي، جنهن ڏينهن جڏهن ڪوئي پنهنجي خواب تي سمجهوتو ڪندو آهي تڏهن اهو هارائي ويندو آهي، ايندڙ نسلن جي بقا لاءِ ماحوليات بابت فيصلا ڪرڻا پوندا، هن چيو ته ملڪ ۾ ايندڙ چونڊن کانسواءِ ڪجهه سوچي نٿو سگهجي، سڀني جون نظرون رڳو چونڊون کٽڻ تي هونديون آهن، هن چيو ته آلودگي ۽ حدت ۾ اضافو، ملڪ جا وڏا مسئلا آهن، هن چيو ته معمول جي آلودگي به انسان جي زندگي 11 سال گهٽ ڪري ڇڏيندي آهي، ملڪ ۾ آلودگي ٻارن لاءِ تمام وڏو خطرو آهي، آلودگي جو ٽوڙ به وڻ پوکڻ آهي، عمران خان چيو ته ٻين ملڪن ۾ ماحوليات بابت معاملا نصاب ۾ شامل آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڪمانڊو ڪڏهن به ملڪ واپس نه ايندو: آصف علي زرداري

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري چيو آهي ته پرويز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے