19 اتوار , نومبر 2017

حلف نامي ۾ ٿيل غلطي کي فورن نوٽيس وٺي ختم ڪيو ويو، ڌرڻو ختم ڪيو وڃي: سردار يوسف

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): مذهبي معاملن واري وفاقي وزير سردار يوسف چيو آهي ته سمورن مسلمانن جو ختم نبوت تي پختو  يقين آهي، ڪنهن کي ڪو شڪ ۽ شبهو آهي ته اچي ۽ ڳالهائي، هن چيو ته حلف نامي ۾ ٿيل غلطي کي فورن نوٽيس وٺي ختم ڪيو ويو، ڌرڻي سان عوام کي سخت ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، زندگيءَ جو ڪاروهنوار متاثر آهي، ڌرڻي کي ختم رڪي ڪاروهنوار کي هلڻ ڏنو وڃي، هن چيو ته ڌرڻي ۾ شرڪت ڪندڙ ڌرڻو ختم ڪن، سردار يوسف اپيل ڪئي ته ڌرڻو ختم ڪري زندگيءَ کي معمول تي اچڻ ڏنو وڃي، ڌرڻي سبب مريض اسپتال نه پيا وڃي سگهن، ٻار اسڪول ڪاليج نه پيا وڃي سگهن، هڪ هفتي کان ڌرڻو جاري آهي، ماڻهن کي ڏکيايون آهن، ڊڪليئريشن جا جيڪي لفظ پهرين هيا، اهي ٻيهر بحال ڪيا ويا آهن، بطور مسلمان اسان جو ختم نبوت تي ڪامل عقيدو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے