19 اتوار , نومبر 2017

غير قانوني ۽ غير آئيني مطالبا نٿا مڃي سگهجن: طلال چوڌري

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ن ليگ اڳواڻ طلال چوڌري چيو آهي ته حڪومت ڪنهن به طور غير قانوني ۽ غير آئيني مطالبا نٿي مڃي سگهي، ڌرڻي وارن جا مطالبا گهڻا غير قانوني ۽ آئين کان بالاتر هئا. پنهنجي بيان ۾ طلال چوڌري جو چوڻ هو ته اسان ڳالهيون ڪيون، مطالبا ٻڌا، پير حسنات جون ڳالهيون اسان سان هيون، حڪومت ڳالهين ذريعي مسئلو حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رستا روڪي مطالبا نٿا مڃرائي سگهجن. هن چيو ته عوام جي صبر سان نه کيڏيو وڃي، حڪومت وٽ مظاهرو ڪندڙن کي طاقت جي استعمال سان اٿارڻ جو اختيار آهي، ڳالهيون پنجاب ۽ وفاقي حڪومت ڪيون، ٻيهر موقعو ڏئي رهيا آهيون ته معاملا ڳالهين ذريعي حل ٿي وڃن. طلال چوڌري چيو ته عوام جي ڏکيائين کي گهڻي دير تائين برداشت نٿو ڪري سگهجي، حڪومت سوچي رهي آهي ته هاڻ ان مسئلي جو ڳالهين کان هٽي ڪري حل ڪڍيو وڃي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے