19 اتوار , نومبر 2017

سيف علي خان تيمور کي مهانگو تحفو ڏئي ڇڏيو

ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي نواب سيف علي خان چلڊرنز ڊي (ٻارن جي عالمي ڏينهن) جي موقعي تي پنهنجي پٽ تيمور علي خان کي مهانگو ترين تحفو ڏئي ڇڏيو. بالي ووڊ جي نوابي جوڙي سيف علي خان ۽ ڪرينا ڪپور جي پٽ تيمور علي خان پنهنجي پيدائش بعد ئي ميڊيا سميت سڄي ڀارت جي ڌيان جو مرڪز بڻيل آهي. تيمور جي حوالي سان هر ننڍي کان ننڍي ڳالهه کي ميڊيا جي ڀرپور ڪوريج حاصل آهي. سندس پر ڪشش چهرو هجي يا سنهرا وار، نوابي لباس هجي يا معصوم مرڪ تيمور جي هر ادا تي ميڊيا سميت سمورا ماڻهو فدا آهن. هر پيءُ ماءُ جيان تيمور جا پيءُ ماءُ به پنهنجي پٽ سان محبت ڪندا آهن ۽ سيف علي خان ته ان محبت ۾ ايترو اڳتي نڪري ويو آهي جو پنهنجي 11 مهينن جي پٽ کي چلڊرنز ڊي (ٻارن جي عالمي ڏينهن) جي موقعي تي مهانگو تحفو ڏئي ڇڏيو. تيمور جي عمر هئڻ ته پلاسٽڪ واري گاڏي سان کيڏڻ جي آهي پر سندس پيءُ کيس پلاسٽڪ بدران 1 ڪروڙ 30 لکن جي عاليشان گاڏي تحفي ۾ ڏئي ڇڏي. سيف علي خان شوروم ۾ ڳاڙهي رنگ جي چمڪندڙ گاڏي سان تصويرون ڪڍندي چيو ته هو اها گاڏي پنهنجي پٽ تيمور کي گفٽ ڪندو ۽ ان گاڏي ۾ سڀ کان پهريان تيمور کي گهمائڻ وٺي ويندس. هن ٻارن جي عالمي ڏينهن جي حوالي سان چيو ته هي ڏينهن گهڻو خاص هوندو آهي ان ڪري هو ان ڏينهن تي پنهنجي پٽ کي اسپيشل بڻائڻ چاهي ٿو جڏهن ته اها گاڏي ٻارن جي حفاظت جي حوالي سان تمام سٺي آهي ان ۾ ٻارن جي ويهڻ لاءِ الڳ سيٽ موجود آهي. ان کان سواءِ مونکي يقين آهي ته تيمور کي ان گاڏي جو رنگ به بي حد پسند ايندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي سندري منوشي چلر مس ورلڊ جو تاج مٿي تي سجائي ورتو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي 21 ورهين جي سندري منوشي چلر مس ورلڊ جو تاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے