19 اتوار , نومبر 2017

قنديل بلوچ قتل ڪيس: مفتي عبدالقوي جي ضمانت واري درخواست منظور

ملتان(ويب ڊيسڪ) عدالت طرفان قنديل بلوچ قتل ڪيس ۾ مفتي عبدالقوي جي ضمانت واري درخواست منظور ڪئي وئي آهي، عدالت مفتي عبدالقوي کي 2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. تفصيل موجب ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج امير محمد خان ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، ٻڌڻي دوران مفتي عبدالقوي جي وڪيل دليل پيش ڪندي چيو ته مقتولا جو ڀاءُ اسلم شاهين ڪيس ۾ نامزد جوابدار آهي، پر ان جي ضمانت ٿي چڪي آهي جڏهن ته مفتي عبدالقوي تي قنديل جي ڀائرن کي ورغلائڻ جو الزام آهي ۽ سعوديه مان ايل اڻڄاتل ڪال تي مفتي عبدالقوي کي جوابدار پيو چيو وڃي، وڪيل وڌيڪ چيو ته پولي گرافڪس رپورٽ جي ڪا به قانوني حيثيت ناهي. ٻڌڻي دوران سيشن جج امير محمد خان ريمارڪس ڏيندي چيو ته پوليس طرفان مفتي عبدالقوي خلاف ناڪافي ثبوت جمع ڪرايا ويا آهن، مفتي عبدالقوي جي موبائل فون جي رڪارڊنگ مان به خاص ثبوت ناهن مليا. دليل مڪمل ٿيڻ کان پوءِ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج مفتي عبدالقوي جي ضمانت ٻن لک رپين جي مچلڪن عيوض منظور ڪري ورتي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے