19 اتوار , نومبر 2017

آءِ جي طرفان ڪراچي آپريشن ۽ قومي ايڪشن پلان تي عمل تيز ڪرڻ جي هدايت

ڪراچي( ويب ڊيسڪ آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ هڪ اجلاس جي صدارت دوران ڪراچي آپريشن، نيشنل ايڪشن پلان تحت پوليس اپائن، سي پيڪ نان سي پيڪ پروجيڪٽس جي سڪيورٽي سميت پوليس جي مجموعي معاملن سميت پوليس جي ڪارڪردگي جو جائزو ورتو. اجلاس ۾ اي آءِ جي ڪراچي ۽ ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. آءِ جي سنڌ اي ڊي خواجه هدايت ڪئي ته ڪراچي ۾ هلندڙ آپريشن ۽ قومي ايڪشن پلان تي عمل تيز ڪيو وڃي ۽ اسٽريٽ ڪرائيم ۾ ملوث ٽولن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. هن چيوته پوليس جي مجموعي ڪارڪردگي ۾ بهتري لاءِ عوام دوست ماحول کي هٿي ڏني وڃي ۽ شهرين جي شڪايت تي فوري طور اڻ ڌريا قدم کنيا وڃن ۽ عوام جي مسئلن جي حل ۾ دير کان پاسو ڪيو وڃي. سندس چوڻ هو ته غفت ڪندڙ پوليس اهلڪارن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. آءِ جي ڊي ايس پيز کي هدايت ڪئي ته ٿاڻن ۽ ايس ايڇ اوز جي ڪارڪردگي کي روزاني بنياد تي چيڪ ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے