19 اتوار , نومبر 2017

مخالف ڌر پارٽين سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد واري تحريڪ تان هٿ کڻي ڇڏيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي ۾ ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي خلاف تحريڪ عدم اعتماد تان سمورين مخالف ڌر پارٽين هٿ کڻي ڇڏيا آهن. تفصيل موجب گذريل ڏينهن سنڌ اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي مبينا اڍنگي رويي کان تنگ اچي مخالف ڌر پارٽين تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جو فيصلو ڪيو تنهن هوندي اڄ سمورين مخالف ڌر پارٽين ڳالهين کان پوءِ فيصلو ڪيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر کي هڪ موقعو وڌيڪ ڏيڻ گهرجي تنهن هوندي جيڪڏهن هن پنهنجو رويو تبديل نه ڪيو ته اجلاس هلائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي. مسلم ليگ فنڪشنل جي صوبائي اسيمبلي ميمبر نصرت سحر عباسي جو چوڻ هو ته ڊپٽي اسپيڪر اسان جي ڳالهه ئي نٿي ٻڌي ۽ ان جو ڌيان رڳو حڪومتي بينچن تي هوندو آهي، گذريل ڏينهن به سندس ان رويي کان تنگ ٿي تحريڪ عدم اعتماد آڻڻ جو فيصلو ڪيو هو پر اسان جي ڳالهه کي سنجيدگي سان نه ورتو ويو ۽ چيو ته نصرت سحر اڪيلي آهي، اڄ حڪومتي پارٽي جا ميمبر ڏسي وٺن ته اسان سڀ ان نقطي گڏ آهيون ۽ ڳالهين سان تحريڪ عدم اعتماد  تان هٿ کڻڻ جو فيصلو ڪيو پر  اڳتي لاءِ ڪنه به ميمبر سان نامناسب رويو رکيو ويو ته ڊپٽي اسپيڪر خلاف ڊرافٽ تيار آهي پوءِ اسان کي مجبور ٿي جمع ڪرائڻو پوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے