19 اتوار , نومبر 2017

پي ايس ايل مالڪن جي مخالفت باوجود پي سي بي ٽي 10 جو حامي

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) پي ايس ايل فرنچائز جي مالڪن جي مخالفت باوجود پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ٽي 10 ليگ جي حمايت ۾ ڄمي ويو ۽ چيائين ته هو ليگ جي حمايت تان هٿ نه کڻندو. ليگ جي ميزبان امارات ڪرڪيٽ بورڊ آهي جتي پي سي بي پنهنجي هوم سيريز ڪرائيندو آهي. پي سي بي جي چيئرمين نجم سيٺي جو چوڻ آهي ته ٽي 10 ليگ سان پي ايس ايل جي مالڪن جي مفادن تي ڪو اثر نه پوندو. سومر ڏهاڙي لاهور ۾ پي سي بي پي ايس ايل فرنچائز جي مالڪن سان گڏ ميٽنگ ڪئي، جنهن ۾ ٻين معاملن کان سواءِ ٽي 10 ليگ جو معاملو سڀ کان نمايان رهيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته فرنچائزن ٽي 10 ليگ تي پنهنجا خدشا ظاهر ڪيا ۽ چيائين ته پي سي بي ان ليگ لاءِ پنهنجي رانديگرن کي ريليز نه ڪرائي ۽ ليگ جي حمايت تان هٿ کڻي.شارجا اسٽيڊيم ۾ ٿيندڙ پهرين ٽي 10 ليگ ايندڙ مهيني 14 کان 17 ڊسمبر تائين ٿيندي، جنهن ۾ انگلش ڪپتان يوان مورگن سميت پهرين نمبر جا ڪرڪيٽر حصو وٺندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ: احمد شهزاد جي دونهيدار اننگز

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) ڊگهي عرصي کان وٺي خراب فارم جو شڪار قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے