19 اتوار , نومبر 2017

آسيان ڪانفرنس: ڊونلڊ ٽرمپ جي نريندر مودي سان ملاقات، مختلف معاملن تي ڳالهيون

منيلا ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي ۽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ منيلا ۾ آسيانه سربراهه ڪانفرنس جي موقعي تي ملاقات ڪئي ۽ دفاع ۽ سلامتي سميت ڪيترن ئي معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. ان موقعي تي نريندر مودي چيو ته ٻئي ملڪ گڏيل لاڳاپن ذريعي اڳتي وڌي سگهن  ۽ ايشيا جي مستقبل ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ گڏجي ڪم ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته ڀارت آمريڪا ۽ دنيا جي اميدن تي پورو لهڻ جي ڪوشش ڪندو. وائيٽ هائوس مان جاري ڪيل بيان موجب آمريڪي صدر ڊونڊ ٽرمپ چيو ته هتي کيس وزيراعظم جي موجودگيءَ سان سٺو لڳو، هو وائيٽ هائوس ۾ به ملاقات ڪري چڪا آهن. هن چيو ته مودي سندس دوست آهي، هو تمام سٺو ڪم ڪري رهيو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

افغانستان ۾ 3 هزار آمريڪي فوجي پهچي ويا آهن: پينٽاگون

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): آمريڪي دفاع واري اداري پينٽاگون ٻڌايو آهي ته افغانستان ۾ 3 هزار …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے