19 اتوار , نومبر 2017

ٽيلنٽ هنٽ پروگرام: فرنچائز مالڪن پي سي بي جي ڀائيواري کي رد ڪري ڇڏيو

اسلام آباد (اسپوٽس نيوز) ”سڀ سٺو آهي“ جو نعرو لڳائيندڙ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ سسٽم ۾ سنگين قسم جون خاميون آهن پر انهن خامين کان ڄاڻي واڻي بچيو ويندو آهي ۽ ٻين جي ڪامياب منصوبن تي اثر انداز ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پي ايس ايل فرنچائز سان گڏ ٽيلنٽ هنٽ پروگرام ڪرائڻ پئي چاهيو پر فرنچائز جي مالڪن پنهنجي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام کي ڀائيواري سان ڪرائڻ کان  انڪار ڪري ڇڏيو. سومر ڏهاڙي لاهور ۾ نجم سيٺي صدارت ۾ فرنچائز جي مالڪن ڊگهي ميٽنگ دوران پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي ڊائريڪٽر ڪرڪيٽ هارون رشيد تجويز ڏنو ته سموريون فرنچائزون پنهنجي ٽيلنٽ هنٽ پروگرام کي بورڊ جي ڀائيواري سان ڪرائڻ ۽ پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پڻ ان اسڪيم ۾ برابر جو پئسو لڳائڻ لاءِ تيار آهي، پر فرنچائز جي مالڪن جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي اسپانسرز سان گڏجي اها اسڪيم ڊيزائن ڪرائي آهي. اهو ممڪن ناهي ته اسين ان منصوبي ۾ بورڊ کي گڏ ملايون.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ: احمد شهزاد جي دونهيدار اننگز

راولپنڊي(اسپورٽس نيوز) ڊگهي عرصي کان وٺي خراب فارم جو شڪار قومي ٽيم جو اوپننگ بيٽسمين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے