25 سومر , جون 2018

پريس ڪانفرنس دوران وزن بابت سوال تي وديا بالن پريشان

ممبئي(ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا وديا بالن کي پنهنجي نئين فلم ” تمهاري سلو“ جي مشهوري دوران ان وقت عجيب صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو جڏهن هڪ رپورٽر سندس وزن بابت سوال پڇيو، جنهن تي اداڪارا دنگ رهجي وئي، تنهن هوندي هن نهايت صبر سان ان جو جواب ڏنو. پنڪ ولا جي رپورٽ موجب پريس ڪانفرنس دوران رپورٽ وديا بالن کان سوال ڪيو ته ڇا هوءَ ائين ئي عورتن بابت فلمون ڪندي رهندي يا وري وزن گهٽ ڪري گليمرس ڪردار ادا ڪرڻ جي باري ۾ به سوچيندي؟ ان سوال تي وڌيا بالن پهرين ته ڪجهه دير حيران پريشان رهي، تنهن هوندي هن جواب ڏنو ته انهن ڏينهن ڳالهين وچ ۾ ڪو به تعلق ناهي ۽ هوءِ پنهنجي ڪم مان مطمئن آهي.  هن وڌيڪ چيو ته ماڻهن کي وزن جي زيادتي بابت پنهنجو مائنڊ سيٽ تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي. واضع رهي ته ان کان اڳ هڪ موقعي تي وديا بالن انڪشاف ڪيو ته هن کي ڪيترائي ڀيرا وزن جي ڪري فلمن مان ڪڍيو ويو، جنهن هن سخت محنت ڪري پنهنجو وزن گهٽ ڪيو، پر هڪ ڀيرو ٻيهر سندس وزن وڌي ويو ڇو سندس جسم کي اهڙو ٺهيل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Seeing the picture of Renegiv Singh's picture of Puppy's surprise, interesting surprises of other plays

رنوير سنگهه جي ٻالڪپڻ جي تصوير ڏسي دپيڪا حيران، ٻين اداڪان جا دلچسپ تبصرا

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار رنوير سنگهه اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي پنهنجي مختلف انداز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے