21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

پي ايس ايل ٿري ۾ سخت اينٽي ڪرپشن بندوبستن جو فيصلو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) ٿري ۾ سخت اينٽي ڪرپشن بندوبست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ( پي سي بي) پي ايس ايل ٽو ۾ اسپاٽ فڪسنگ مان سبق سکندي ٽئين ايڊيشن ۾ سخت ترين اينٽي ڪرپشن بندوبست ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ايون دوران رانديگرن تي ڪرڙي نظر رکي ويندي. هو ڪيڏانهن ٿا وڃن، ڪنهن سان ملاقات ٿا ڪن سڀ ڪجهه ڏسيو ويندو. رات هڪ وڳي کان پوءِ ڪنهن رانديگر کي ٻاهر وڃڻ جي اجازت نه هوندي. منيجر کي ٻڌائڻ کان سواءِ ڪير به ٻاهر نه وڃي سگهندو. جنهن فلور تي رانديگر رهندا اتي مينجمينٽ نٿي رهي سگهي، جيڪڏهن ٽيم جي مالڪ کي به ملاقات ڪرڻي آهي ته اهو به رانديگرن سان ميٽنگ روم ۾ ئي ملي سگهندو. هن ڀيري ٽيم جو قيام دبئي جي ڪنهن ٻي هوٽل ۾ هوندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India's retreat of Indian coach defeats the forces

ڀارتي ڪوچ ڌوني جي ريٽائر ٿيڻ وارين افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي

ليڊز(شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وڪيٽ ڪيپر مهندر سنگهه ڌوني کي  ون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے