19 اتوار , نومبر 2017

پاڪستان ۽ ڀارت جو گڏجي ڪرڻ تمام ضروري آهي: ماهرا خان

ڪراچي (شوبز نيوز) ناليواري پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جو چوڻ آهي پاڪستان ۽ ڀارت جو گڏجي ڪم ڪرڻ تمام ضروري آهي.عالمي شهرت يافتا پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان ۽ هدايتڪار شعيب منصور جي فلم ”ورنا“ جي ريليز ويجهو ايندي نظر اچي رهي آهي ۽ ماهرا فلم جي مشهوري ۾ مصروف آهي. تازو ئي فلم جي مشهوري جي حوالي سان ڏنل انٽرويو ۾ ماهرا خان چيو ته کيس علم ناهي ته فلم ڪيئن آهي ڇو ته هن فلم جي فائنل ايڊيٽنگ ناهي ڏٺي پر کيس اها خبر آهي ته ماڻهن کي فلم مان وڏيون اميدون آهن ۽ مداح سندس فلم ڏسڻ لاءِ بي چين آهن. ماهرا خان ڀارت ۾ ڪم ڪرڻ جي حوالي سان ڳالهائيندي چيو ته بالي ووڊ ڪنگ شاهه رخ خان سان گڏ ڪم ڪرڻ ائين هو جئين منهنجو خواب پورو ٿي ويو هجي. آئون فلم “رئيس” جي سڄي ٽيم سان گڏ جذباتي طور ڳنڍجي وئي هيس ڇو ته توهان جن ماڻهن سان گڏ ڊگهي عرصي تائين ڪم ڪندا آهيو، کائيندا پيئندا آهيو، ساڻس رهندا آهيو انهن سمورن ماڻهن کان جان ڇڏائڻ آسان ناهي هوندو. فلم ”رئيس“ جي ٽيم کي ڏٺي ڪافي عرصو ٿي ويو پر اسان جي دوستي اڃان به بلڪل پهريان وانگي قائم آهي. ماهرا پاڪستان ۽ ڀارت جي گڏجي ڪم ڪرڻ تي يقين رکي ٿي. سندس چوڻ آهي ته پاڪستاني ۽ ڀارتي فنڪارن جو گڏجي ڪم ڪرڻ گهڻو ضروري آهي. جڏهن فلم ”رئيس“ کي پاڪستان ۾ ريليز ڪرڻ جي اجازت نه ملي ته کيس تمام ڏک ٿيو هو ڇو جو هن چاهيو پئي ته بالي ووڊ ۾ سندس پهريون پروجيڪٽ پاڪستاني مداح ڏسن. کيس يقين آهي ته هڪ ڏينهن اهڙو ضرور ايندو جڏهن سندس فلم پاڪستاني عوام ڏسندي ۽ اهو لمحو هن لاءِ فخر جو سبب بڻبو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارتي سندري منوشي چلر مس ورلڊ جو تاج مٿي تي سجائي ورتو

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي 21 ورهين جي سندري منوشي چلر مس ورلڊ جو تاج …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے