25 سومر , جون 2018

حمزه علي عباسي ۽ ماهرا خان جي مزاحيا پنجابي سوشل ميڊيا تي هٽ ٿي وئي

ڪراچي (شوبز نيوز) خوبصورت اداڪارا ماهرا خان ۽ اداڪار حمزه علي عباسي پنجابي ڳالهائي مداحن جون دليون کٽي ورتيون. ٻنهي جي پنجابي ۾ ڳالهائڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي. عالمي شهرت ماڻيندڙ پاڪستاني اداڪارا ماهرا خان جا چرچا پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ مشهور آهن تنهن هوندي پاڪستان شوبز انڊسٽري سان تعلق رکندڙ پر ڪشش اداڪار ۽ سياسي تجزيا نگار حمزه علي عباسي به ڪنهن کان گهٽ ناهي. ٻئي هڪ ٻئي جا بهترين دوست آهن. جنهن جو ثبوت انهن ماهرا جي فلم ”ورنا“ جي مشهوري ڪندي ڏئي ڇڏيو هو. تازو ئي ماهرا ۽ حمزه جي وڊيو منظر تي آئي آهي جنهن ۾ حمزه علي عباسي مزاحيا انداز ۾ پنجابي ڳالهائيندي فلم ”ورنا “ جي مشهوري ڪئي ۽ ماهرا جي تعريف ۾ زمين آسمان جا قلابا ملائيندي نظر اچي رهيو آهي جڏهن ته ماهرا پڻ پنجابي ۾ سندس ها ۾ ها ڪندي ”آهو“ چئي رهي آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

Seeing the picture of Renegiv Singh's picture of Puppy's surprise, interesting surprises of other plays

رنوير سنگهه جي ٻالڪپڻ جي تصوير ڏسي دپيڪا حيران، ٻين اداڪان جا دلچسپ تبصرا

ممبئي(شوبز نيوز) باليووڊ سپر اسٽار رنوير سنگهه اڪثر ڪري سوشل ميڊيا تي پنهنجي مختلف انداز …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے