25 سومر , جون 2018

ايشيا انٽرنيشنل ڊيفنسيو پسٽل ڪپ ۾  2 قومي ڪمانڊرن جي ٽئين پوزيشن

ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان جي نمائندگي ڪندي اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ سنڌ پوليس جي ٻه ڪمانڊرن ايشيا انٽرنيشنل ڊيفنسيو پسٽل ايسوسي ايشن ڪپ جي ڪيٽيگرين ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪري ورتي. ٿائي لينڊ جي شهر بنڪاڪ ۾ ٿيندڙ مقابلن ۾ ايشيا جي 10 ملڪن سان تعلق رکندڙ 100 کان وڌيڪ نشاني بازن حصو ورتو. مقابلي جي شروعات چين، سنگاپور، ملائيشيا ۽ مڪائو جي سهڪار سان ڪرائي وئي. اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ سنڌ طرفان ايشيا ڪپ نشاني بازي جي مقابلي ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندڙ ڪمانڊو ارسلان انور انٽرنيشنل ڪيٽيگري ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي جڏهن ته ڪمانڊو عبدالشڪور مارڪس مين ڪيٽيگري ۾ ٽئين پوزيشن تي قبضو ڪري ورتو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

گرينڊ ڊيمو ڪريٽڪ الائنس جو نگران حڪومت تي عدم اعتماد جو اظهار

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس ( جي ڊي اي) نگران حڪومت تي عدم اعتماد جو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے