21 ڇنڇر , جولاءِ 2018

سينيئرن کان سواءِ ڪاميابي ممڪن ناهي: محمد عمران

لاهور (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ڪپتان محمد عمران سينيئر رانديگرن کي قومي ٽيم لاءِ اڻٽر قرار ڏئي ڇڏيو. ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ۾ اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته ڄاڻايل سمورا رانديگر سڄي دنيا ۾ ٿيندڙ ليگز جو حصو آهن ۽ مڪمل طور تي فٽ ۽ ڀرپور فارم ۾ آهن. انهن رانديگرن کي اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ جي صورت ۾ قومي ٽيم کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاميابين طرف گامزن ڪري سگهجي ٿو. ايشين چيمپئنز ٽرافي 2012ع ۾ قومي ٽيم جي فاتح ڪپتان جو چوڻ هو ته پاڪستان هاڪي ٽيم لاءِ ايندڙ سال وڏو اهم آهي. گرين شرٽس ايندڙ سال ڪامن ويلٿ گيمز، ورلڊ ڪپ ۽ ايشين گيمز سميت ڪيترن ئي اهم ايونٽن ۾ حصو وٺڻو آهي. انهن ميگا ايونٽن ۾ سينيئر رانديگرن کان سواءِ ڪاميابي حاصل ٿيڻ ممڪن ناهي. منهنجي نظر ۾ 2014ع جي قومي قومي ٽيم اسڪواڊ کي ئي بحال ڪرڻ گهرجي. هڪ سوال تي اڳوڻي ڪپتان جو چوڻ هو ته سينيئرن سان گڏ جونيئرن کي به گروم ڪرڻ گهرجي تنهن هوندي سموري تجربي ڪار رانديگرن کي ڪڍي رڳو جونيئرن کي ئي قومي ٽيم جو حصو بڻائڻ به مناسب ناهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

India's retreat of Indian coach defeats the forces

ڀارتي ڪوچ ڌوني جي ريٽائر ٿيڻ وارين افواهن جي ترديد ڪري ڇڏي

ليڊز(شوبز نيوز) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي هيڊ ڪوچ وڪيٽ ڪيپر مهندر سنگهه ڌوني کي  ون …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے