19 اتوار , نومبر 2017

ڪو روڊ سفر ڪرڻ جهڙو ناهي، نالن تي مارڪيٽون قائم آهن، چار رپيا ڪمائڻ لاءِ شهر تباهه نه ڪيو: عدالت

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) عدالت ڪراچي ۾ وڌندڙ گند تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته ڪراچي جو اصل ماسٽر پلان عدالت ۾ ڇو پيش ناهي ڪيو ويو، ڇا سرڪاري ادارن جو ڪم نالن تي حددخليون ڪرڻ ۽ مال ڪمائڻ وڃي بچيو آهي. تفصيل موجب اي سي ايس ايڇ سوسائٽي جي نالي تي مارڪيٽون قائم ڪرڻ وارو معاملو، نالي جي صفائي ۽ حد جي نگراني بابت ڪي ايم سي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪندي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، جسٽس گلزار احمد ڊائريڪٽر ماسٽر پلان محمد سرفراز کي چيو ته توهان ڪراچي ۾ ڇا ڪري رهيا آهيو؟ توهان کي هتان کان سڌو جيل ٿا موڪليون، توهان ڪراچي سان بي شرمي واريون حرڪتون ڪري رهيا آهيو، گند جي ڪري شهرين لاءِ ساهه کڻڻ ڏکيو ٿي ويو آهي.  جسٽس گلزار عدالت ۾ سخت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڪراچي هاڻ شهر چورائڻ جي قابل ناهي رهيو، توهان ڪراچي کي تباهه ڪري ڇڏيو، نالا بند پيا آهن، ٿورڙو مينهن وسيو ته شهر ٻڏي ويو پر توهان ڪجهه به نه سکيو، ڇا هاڻ نالن تي حددخليون قائم ڪري شهر کي ٻوڙڻ جو پلان تيار ڪري رهيا آهيو، ڇا سرڪاري ادارن جو ڪم نالن تي حددخليون ڪرڻ ۽ مال ڪمائڻ وڃي بچيو آهي. ڪراچي جي روڊن جي ڳالهه ڪندي جسٽس گلازر احمد چيو ته شاهراهه فيصل کان سواءِ ڪو به روڊ سفر جي قابل ناهي رهيو، هر روڊ تي گند ۽ ڌوڙ ڄميل آهي، اسان ڪراچي انهن ادارن جي حوالي نٿا ڪري سگهون، عدالت پي اي سي ايڇ سوسائٽي جي نالي تي هر طرح جي جانائز حددخلين ۽ مارڪيٽن کي ختم ڪرڻ جو حڪم ڏيندي چيو ته چار رپين لاءِ شهر کي تباهه نه ڪيو وڃي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڊاڪٽر عاصم حسين پ پ ڪراچي ڊويزن جو عهدو ڇڏڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ ) ڊاڪٽر عاصم حسين پ پ ڪراچي ڊويزن جي صدارت جو عهدو ڇڏڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے