20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

سڄي قوم ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي: ايڊمرل ظفر محمود عباسي

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريا جي سربراهه ايڊمرل ظفر محمود عباسي ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سڄي پاڪستاني قوم ۽ پاڪ بحريا ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. ايڊمرل ظفر محمود عبساي سان سعودي عرب جي سفير نواف سعيد المالڪئي ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سردار مسعود خان سان الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون. سامونڊي فوج جي سربراهه موجب آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر سان ملاقات دوران دلچسپي وارن معاملن سميت ڪشمير ۾ ڀارتي فورسز طرفان بنيادي انساني حقن جي پامالي تي ڳالهيون ٿيون، نيول چيف ڪشميري ڀائرن سان ٻڌي جو اظهار ڪندي ان عزم جو اظهار ڪيو ته سڄي پاڪستاني قوم ۽ پاڪ سامونڊي فوج ڪشميري ڀائرن سان گڏ آهي. آزاد ڪشميرجي صدر ڪشميرين جي جدوجهد جي حمايت جي سلسلي ۾ هٿياربند فوجن جي عزم کي ساراهيو. ترجمان موجب سعودي سفير جي نيول چيف سان ملاقات دوران دلچسپي وارن ۽ پيشيوراڻن معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون. نيول چيف سعودي سفير سان ملاقات دوران دهشتگردي جي خلاف پاڪستان جي ڪارڪردگي ۽ عزم تي روشني وڌي. ترجمان موجب سعودي سفير خطي جي ميري ٽائم سيڪيورٽي جي سلسلي ۾ پاڪ بحريا جي ڪردار ۽ عزم کي ساراهيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اولهه عمران خان جي  طالبان خان چهري کان لاعلم، قوم بائيڪاٽ ڪري: بختاور ڀٽو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين آصف علي زرداري جي ڌيءَ بختاور ڀٽو چيو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے