19 اتوار , نومبر 2017

هوائي گدلاڻ هڏين جي ڪمزوري ۽ موت جو سبب بڻجي سگهي ٿي:ماهر

نيويارڪ(ويب ڊيسڪ) ماهرن چيو آهي ته هوائي گدلاڻ ساهه، دل ۽ ٻين بيمارين جو سبب ته ٿيندي آهي پر هاڻي خبر پئي آهي  هوائي گدلاڻ  واري علائقن ۾ رهڻ سان هڏيون ڪمزور ٿيڻ جو مرض لاحق ٿيندو آهي. ماهر  جو چوڻ آهي ته  هوائي گدلاڻ پيراٿائرائيد هارمون تي اثر انداز ٿيندي آهي  جيڪا ڪيلشم جي پيداوار کي ڪنٽرول ڪندي آهي. اهڙي طرح گهٽ ڪيلشم ٺهڻ تي هڏيون ڪمزور ٿينديون رهندو آهن.  اهڙي طرح   ماڻهو فريڪچر جو شڪار ٿيندو آهي ۽  پوءِ ان جي اسپتال داخل ڪرڻو پوندو آهي. ۽  اهو به ثابت ٿي چڪو آهي گاڏين جي دونهي سان علائقن جا ماڻهو فالج ، ڦڦڙن، ساهه جي بيماريون ۽ دمي ۽ ڊيمنشيا جهڙن مرض جا شڪار ٿيندا آهن. جڏهن ته ڪولمبيا يونيورسٽي جي ماهر ڊاڪٽر آندري بيڪرالي چيو آهي ته اهو ثابت ٿي چڪو آهي  هوائون ۾ گدلاڻ هڏين لاءِ تباهه ڪندڙ آهي ۽ صاف هوا ۾ رهڻ پاڻ سان گڏ هڏين تي حيرت انگيز فائدو ٿيندو آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شراب  نوشي ڪرڻ سان ست قسم جو ڪينسر ٿيندو آهي

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)امريڪي ماهرن چيو آهي ته جيڪي ماڻهو شراب  پيئندا آهن اهي ست خطرناڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے