21 ہفتہ , اپریل 2018

روهنگيا مسلمانن خلاف ظلم، ميانمار فوج پاڻ کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو

يانگون(ويب ڊيسڪ) ميانمار جي فوج روهنگيا مسلمانن تي تشدد، قتل ۽ اجتماعي لڄالٽ جي واقعن مان پاڻ کي آجو قرار ڏئي ڇڏيو. برطانوي نشرياتي اداري بي بي سي اردو جي هڪ رپورٽ موجب فوج جي هڪ اندرين رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڳوٺ جا ماڻهو ان ڳالهه تي متفق آهن ته سيڪيورٽي فورسز روهنگيا مسلمانن جي قتل، جنسي تشدد، عورتن سان زيادتي، ڳوٺ جي ماڻهن جون قيمتي شيون چورائڻ ۽ گهرن ۽ مسجن کي باهيون ڏيڻ ۾ ملوث ناهن.  وڌيڪ چيو ويو ته اهي روهنگيا ڪميونٽي جا ڪجهه عسڪريت پسند هئا، جن رياست ۾ بي شمار ٻهراڙين کي باهيون ڏنيون ۽ جنهن جي نتيجي ۾ لکين ماڻهو اتان فرار ٿي ويا ڇو ته انهن کي دهشتگردن کان خطرو هو ۽ انهن کي ائين ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي هئي. فوج جي رپورٽ ۾ 6 لک روهنگيا مسلمانن جي ملڪ ڇڏڻ جي ذميوار فوجي جنرل مونگ مونگ سوئي جي بدلي جو ڪو به جواز ناهي ٻڌايو ويو. جنرل مونگ مونگ سوئي ميانمار جي رياست رخائن ۾ عسڪريت پسندي جي خلاف ناليواري آپريشن جو انچارج هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

اتر ڪوريا ائٽمي ۽ ميزائل تجربا روڪڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

پيانگ يانگ ( ويب ڊيسڪ ) اتر ڪوريا جي سربراهه ڪم جونگ ان ائٽمي ۽ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے