20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ڀارت سڪيولر مان انتها پسند رياست ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، وڏي جنگ لڳي ٿي سگهي ٿي: زبير محمود

اسلام آباد( ويب ڊيسڪ) چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي جنرل زبير محمود چيو آهي ته ڀارت سڪيولر مان انتها پسند رياست ۾ تبديل ٿي چڪو آهي، سرجيل اسٽرائيڪل جهڙا شوشا تنهن جو ثبوت آهن، سندس رويي سبب ڪنهن به وقت وڏي جنگ لڳي سگهي ٿي. ڏکڻ ايشيا بابت تقريب کي خطاب ڪندي جنرل زبير محمود چيو ته ڀارت سان بهتر لاڳاپن جو رستو رڳو ڪشمير مان ٿيندي گذري ٿو، ڪو به باءِ پاس ناهي. هن چيو ته  ڀارت تحريڪ طالبان، بلوچ عليحدگي پسند تنظيمن ۽ را ذريعي دهشتگردي ڪرائي رهيو آهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگرديءَ خلاف لازمي قربانيون ڏئي ڪاميابيون حاصل ڪيون آهن. جنرل زبير محمود چيو ته عدم توازن هميشه تڪرارن کي جنم ڏيندو آهي. هن چيو ته افغانستان ۾ مفاهمتي عمل جي ڪاميابي سان خطي جو امن بحال ٿيندو. سندس چوڻ هو ته افغانستان ايشيا جو گيٽ وي آهي، بدامني سان سڄي خطي تي اثر پوندو. جنرل زبير محمود چيو ته رت ۽ پاڻي گڏ نه ٿا وهي سگهن، ڀارت ايئن ڪري رهيو آهي. هن چيو ته ڀارت 1200 کان وڌيڪ ڀيرا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي. سند سچوڻ هو ته ڀارت ننڍڙيون جنگيون مڙهي رکيون آهن، سندس رويو وڏي جنگ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جنرل زبير محمود چيو ته انتها پسندي ۽ دهشتگرديءَ خلاف گڏيل حڪمت عملي جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڀارت جون سي پيڪ خلاف سازشون ڪنهن کان لڪل نه آهن، تنظيم رٿا خلاف 500 ڊالر مخصوص ڪيا آهن. سندس چوڻ هو ته ڀارتي فوج هٿان پاڪستان جا 1000 شهري ۽ 300 فوجي شهيد ٿيا آهن. جنرل زبير محمود چيو ته افغانستان جي ڌرتي تي دهشتگرديءَ جا ٿاڪ ڪليدي مسئلن جو سبب آهن، افغانستان ۾ عدم استحڪام جي پاڪستان ڳري قيمت ادا ڪري رهيو آهي. هن چيو ته هر 20 ڪشميرين تي هڪ فوجي آهي، 94 هزار ڪشميري شهيد ٿي چڪا آهن. سندس چوڻ هو ته دنيا جي مستقبل جون اقتصادي ۽ فوجي طاقتون ڏکڻ ايشيا ۾ هونديون. جنرل زبير محمود چيو ته ملڪن کي روڪڻ ۽ گهيرو ڪرڻ جي پاليسي خطي لاءِ نقصانڪار آهي. هن چيو ته پاڪستان پنهنجي ذميوارين کان آگاهه پر دفاع کان غافل ناهي. سندس چوڻ هو ته پاڪستان سمورين حالتن کي نظر ۾ رکندي گهٽ ۾ گهٽ جوهري صلاحيت برقرار رکندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

نيشنل سيونگ بئنڪنگ ڪليئرنگ سسٽم جو ميمبر بڻجي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل سيونگ بئنڪنگ ڪليئرنگ سسٽم جو ميمبر بڻجي ويو آهي، جنهن …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے