19 اتوار , نومبر 2017

سنڌ اسيمبلي : شاگرد يونين بحالي جو ٺهراءُ منظور، منهن ماري، ڊپٽي اسپيڪر خلاف بي اعتمادي رٿ جو فيصلو

ڪراچي(رپورٽ: محمد علي نقرچ) سنڌ اسيمبلي شاگرد يونين تي پابندي خلاف ٺهراءُ يڪراءَ منظور ڪري ڇڏيو، ڊپٽي اسپيڪر ۽ ميمبرن وچ ۾ ڏند چڪ، نصرت سحر عباسي جو واڪ آئوٽ، ميمبرن جو احتجاج، ايوان مڇي مارڪيٽ بڻجي ويو،تفصيل موجب سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا جي صدارت هيٺ ڪالهه 11 لڳي 20 منٽن تي شروع ٿيو، آبپاشي کاتي بابت وڏي وزير بدران سينيئر وزير نثار احمد کهڙو جواب ڏنا، ان موقعي تي فنڪشنل ليگ جي عورت ايم پي اي نصرت سحر عباسي سال 2013 ع ۾  پڇيل سوال 2017 ۾ اچڻ تي ايوان مان احتجاج ڪندي ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪندي چيو ته جيڪڏهن اهڙي روايت قائم رهي ته پوءِ اهو ايوان جو وقت ضايع ٿيڻ برابر آهي ان ڪري حڪومت جيڪڏهن نون سوالن جا جواب نه ڏنا ته مان روزاني واڪ آئوڪ ڪندي رهنديس، ان موقعي تي صوبائي وزير نثار کهڙي چيو ته ميمبرن جا آيل سوال وڌيڪ آهن ان ڪري تازا سوال نٿا اچي سگهن قومي اسيمبلي ۾ به ائين ئي ٿيندو رهندو آهي، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته اعتراض صرف هڪ  ميمبر کي آهي ٻين ميمبرن کي ناهي،ايم ڪيو ايم جي صابر قائمخاني چيو ته نصرت سحر جو سوال مان به پڇڻ چاهيان ٿو ان تي ڊپٽي اسپيڪر ان کي اجازت نه ڏني  ۽ چيو ته نصرت سحر ٽوڪن واڪ آئوٽ ڪيو آهي ان ڪري سوال ختم ٿي ويو، سيما ضياءِ چيو ته نصرت سحر کي سوال پڇڻ ڏيو  جنهن تي ڊپٽي اسپيڪر ۽ سيما ضيا ءُ ۾ منهن ماري ٿي ۽ ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر چيو ته  ڪير به مون کي ڊڪٽيشن نٿو  ڏئي سگهي،  ڊپٽي اسپيڪر سيما ضياءَ  کي به ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ نه ڏنو ۽ ڪارروائي اڳتي هلائيندي نصرت سحر عباسي کي ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ جو چيو  جنهن ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ کان اڳ شيم شيم چوندي رهي ۽ چيو ته  هن ايوان ۾ سڀ کان وڌيڪ رولنگ لفظ هضم ٿيڻ جا آهن ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر کيس روڪيو، ان تي  نصرت سحر  وقتي اسپيڪر کي چيو ته جيڪڏهن ائين ڪندي ته پوءِ هي اجلاس نه هلي سگهندو، ڊپٽي اسپيڪر نصرت سحر کي به ڌيان ڇڪايو نوٽيس پيش ڪرڻ نه ڏنوجنهن تي نصرت سحر احتجاج ڪندي ايجندا جون ڪاپيون ڦاڙي اڇلائي ڇڏيون ۽ ايوان مان  ٻيهر واڪ آئوٽ ڪري هلي وئي،جڏهن ته خرم شير زمان ۽ سعيد نظاماڻي جي غير موجودگي ۾ ڊپٽي اسپيڪر ڌيان ڇڪايو واري سيشن کي ختم ڪرڻ جي رولنگ ڏني، ان موقعي تي  فنڪشنل ليگ، پي ٽي آئي جي ميمبرن ڊپٽي اسپيڪر خلاف سخت احتجاج ڪيو، ڊپٽي اسپيڪر چيو ته آئيندا اجلاس 11:30 وڳي شروع ٿيندو، ڀلي ميمبر اچن يا نه اچن ان سان مون کي ڪو به ڏيڻو وٺڻو ناهي، جڏهن ته خرم شير زمان جي غير موجودگي سبب مهملي جي تحريڪ به پيش نه ٿي  سگهي. اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي عبدالستار راڄپر ٺهراءُ  جيڪو  يونيورسٽين  ۽ ڪاليجن ۾ شاگرد يونين جي بحالي جو ٺهراءُ  ايوان منظور ڪيو آهي، پيش ڪيل ٺهراءُ جي متن ۾ چيو ويو آهي ته هيءُ اسيمبلي  اسٽوڊنٽس يونين تي پابندي ختم ڪري انهن کي اليڪشن جي اجازت ڏئي ته جئين اهي شاگرد پنهنجي حقن جي ڳالهه ڪري سگهن، هن مهيني ۾ آمر جي دور ۾ پابندي لڳي هئي، شاگردن کي انهن يونين کان سياسي تربيت ملندي آهي،خيرالنسا ءِِ مغل چيو ته تعليمي ادارن ۾ شاگرد يونين مٿان پابندي غير جمهوري عمل هيو،اهو هڪ آمر جو قانون هيو ان ڪري اهو جمهوريت خلاف هو، خورشيد جوڻيجو چيو ته  1964 ۾ شاگرد يونين جو بنياد پيو، ايوب خان کي هٽائڻ ۾ شاگرد يونين جو به اهم ڪردار رهيو، انهن شاگرد يونين مان ليڊر پيدا ٿيندا آهن، تحريڪ انصاف جي ثمر علي   حمايت  ڪندي چيو ته شاگرد يونين کي سياسي مدد حاصل رهي جنهن ڪري انهن يونين ۾ غلط تاثر   ٿيو، انهن شاگرد يونين کي سياست کان الڳ ڪيو وڃي. غزالا سيال چيو ته شاگرد يونين مٿان پابندي ختم ٿيڻ سان شاگردن جا مسئلا حل ٿيندا، سعيد غني چيو ته  جڏهن کان شاگرد يونين مٿان پابندي لڳي آهي نظرياتي سياست هن ملڪ کان پري هلي وئي آهي ، شاگرد يونين سميت ٽريڊ يونينن کي به آئيني حق ڏيڻا پوندا، ضياءَ الحق جي وڃڻ بعد به اسان جون حڪومتون به آيون پر پ پ  سميت ڪير شاگرد يونين جي بحالي بابت مڪمل ڪم نه ڪري سگهيو. ايم ڪيو ايم جي فيصل سبزواري چيو ته سياست ۾ اچڻ جي عملي سياست ۾ تربيت جي پهرين ڏاڪڻ شاگرد يونين آهي، ڪراچي يونيوسٽي ۾ عالمي دهشتگرد ڪٿان پهتا ان تي به غور ڪيو وڃي. اويس قادر شاهه چيو ته بهترين ٺهراءُ آهي ،شاگرد يونين مٿان آمريتي دور ۾ پابندي لڳي آهي ان کي جمهوري حڪومت  بحال ڪري پ پ جي نعيم کرل چيو ته عبدالستار پاڻ هڪ کڙتالي گروپ جو ليڊر رهيو آهي ان ڪري ان جي ٺهراءُ جي حمايت ڪيان ٿو، پ پ جي جاويد ناگوري چيو ته ڪير نٿو ڄاڻي ته جڏهن ضياءَ الحق آيو ان شاگرد يونين ۾ هٿيار آندو،ان اهڙن ماڻهن کي سياست ۾ آندو جنهن سان جمهوريت کي نقصان ٿيو، نجڪاري  ڪندڙ ٽريڊ يونين جي خاتمي جا ذميوار آهن، ايم ڪيو ايم جي زبير احمد چيو ته شاگرد يونين مٿان پابندي واري قانون جو خاتمو آندو وڃي ان موقعي تي ايوان يڪراءُ طور تي ٺهراءُ منظور ڪري ڇڏيو. سنڌ اسيمبلي ۾ سنڌ پيشيورانه تحفظ ۽ صحت 2017 بل  سينيئر وزير نثار کهڙي پيش ڪيو، جنهن کي ايوان ۾ غور ڪرڻ لاءِ منظور ڪيو ويو، جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي سيد سردار شاهه جي  درخواست تي بل جي تعارف لاءَ ايندڙ ڏينهن ۾ پيش ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏئي وئي آهي.صوبائي وزير ارم خالد جو سائنس اينڊ ٽيڪنالاجي جي ترقي لاءِ پيش ڪيل ٺهراءُ يڪراءِ طور تي منظور ڪيو ويو، صوبائي وزير ارم خالد جو چوڻ هو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي ميدان ۾ گهڻو ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ان موقعي تي ايم ڪيو ايم جي رئوف صديقي چيو ته  هنگامي بنيادن تي ڪاليجن ، يونيورسٽين ۾ ريسرچ سينٽر قائم ڪيا وڃن ۽ ان  سلسلي ۾ وفاقي سرڪار تي به اڳتي اچڻ لاءِ زور ڀريو وڃي، سنڌ اسيمبلي ۾ حڪومتي ميمبر جو صاف پاڻي جي عوام تائين پهچ وارو ٺهراءُ مخالف ڌر جي مڪمل حمايت باوجود ڊپٽي اسپيڪر ايوان ۾ منظوري لاءَ پيش نه ڪيو، اجلاس ۾ حڪومتي ڌر جي ايم پي اي روبينا قائخاني پنهنجي قيادت جي مشوري سان عورتن ايم پي ايز تحت قائم ٿيل وومين ڪاڪس جي پليٽ فارم تي صوبي اندر صاف پاڻي جي عوام تائين رسائي حاصل ڪرڻ بابت ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي حق ۾ حڪومتي ميمبرن مان چئن صوبائي وزير سميت 14 ايم پي ايز حمايت ڪئي جڏهن ته ايم ڪيو ايم جي ٽن، پي ٽي آئي جي ٻن ۽ فنڪشنل ليگ جي هڪ ميمبر پڻ ٺهراءُ جي مڪمل حمايت ڪئي،ان موقعي تي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ٺهراءُ جي حمايت ڪرڻ ۽ مڪمل طور تي ايوان ۾ پڙهڻ  باوجود ٺهراءُ کي ايوان مان منظُوري لاءَ پيش نه ڪيو، شهلا رضا جو چوڻ هو ته ٺهراءُ ۾ ڪافي غلطيون موجود آهن ان کي ڪاڪس جي قائم ٿيل ٽاڪس فورس ٻيهر ڏسي ۽ ان متعلق ورڪشاپ ڪرايا وڃن بعد ۾ ان کي پيش ڪيو وڃي، ان کان اڳ پ پ جي ايم پي اي روبينا قائمخاني ٺهراءُ پيش ڪندي چيو ته ملڪ سميت سنڌ صوبي پاڻي جي عوام تائين پهچ بابت وومين واش ڪاڪس بڻايو وڃي يا ان بابت ڪميٽِي قائم ڪئي وڃي ان ۾ ڀلي مخالف ڌر جون عورتون به هونديون، ڪراچي ۾ پيئڻ جو پاڻي نه پر گندو پاڻِي آهي شرجيل ميمڻ کي آغا خان ليباٽري جي رپورٽ ڏني هئي جنهن ۾گندي پاڻي بابت ان ۾ بيڪٽريا شامل هئا، مخالف ڌر پاران  ايوان ۾ مخالف ڌر جي آواز کي دٻائڻ تي ڊپٽي اسپيڪر خلاف اڄ  بي اعتمادي جي رٿ آڻڻ جو فيصلو، سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي پارٽين مسلم ليگ فنڪشنل، پي ٽي آءِ ۽ نواز ليگ طرفان بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪئي ويندي، رٿ آڻڻ کان اڳ ايم ڪيو ايم کي به اعتماد ۾ ورتو ويندو ان حوالي سان مخالف ڌر جي ميمبرن  عوامي آواز سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا ايوان ۾ مخالف ڌر جي ميمبرن کي ڪارروائي ۾ حصو وٺڻ کان روڪي ٿي، جيڪو افسوناڪ عمل آهي، مسلم ليگ فنڪشنل جي ايم پي اي نصرت سحر عباسي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر خلاف اڄ بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪنداسين، ان لاءِ سموري مخالف ڌر جي پارٽين سان رابطا آهن،هن چيو ته  ڊپٽي اسپيڪر جو رويو مخالف ڌر خاص ڪري مون سان درست نه آهي، ڪڏهن امي ڪري ڳالهائي ٿي،ڪڏهن چئي ٿي ته دوا نه پئي آئي يا وري دوا هلائي پي نه آئي آهين سندس اهڙو رويو افسوسناڪ آهي، هن چيو ته اسپيڪر  ايوان جو سربراهه آهي، ان کي سمورن ميمبرن سان درست رويو رکڻ سان گڏ سڀني کي ڳالهائڻ جو هڪ جيترو موقعو ڏيڻ گهرجي. پي ٽي آءِ جي سيما ضياءَ جو چوڻ هو ته ڊپٽي اسپيڪر جو رويو افسوس وارو آهي، ان خلاف تحريڪ لاءِ غور ويچار ٿي سگهي ٿو،  نواز ليگ جي امير حيدر شاهه شيرازي چيو ته ڊپٽي اسپيڪر مخالف ڌر جي ميمبرن کي ايوان ۾ آواز اٿارڻ جو موقعو ئي نه ٿي ڏئي.0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے