19 اتوار , نومبر 2017

ايران ۽ عراق زلزلي ۾ فوتين جو انگ 400 ٿي ويو، هر طرف تباهي

سليمانيه(اي پي پي) ايران ۽ عراق جي جابلو سرحدي علائقن ۾ آچر ۽ سومر جي وچ واري رات 7.3 درجا شدت واري زلزلي جي نتيجي ۾ هيل تائين 4سئو  کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ۽ 3950 زخمي ٿي پيا آهن. سرڪاري عملدارن ٻڌايو ته شديد زلزلي جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي مٽي جون ڇپون ڪري پيون جنهن سبب امدادي سرگرمين ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي.ايراني حڪومت جي قدرتي آفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جوڙيل اداري جي نائب سربراهه سرڪاري ٽي وي چئنل کي ٻڌايو ته زلزلي جي نتيجي ۾ 400 کان وڌيڪ ماڻهو اجل جو شڪار ٿي ويا آهن جڏهن ته 3950 زخمي آهن. زلزلي بابت ٽوئيٽر تي ڏنل فوٽيج ۾ ڏيکاريو ويو آهي ته ڀاڄ پوڻ سبب ماڻهن جو وڏو انگ اتر عراق جي شهر سليمانيه ۾ واقع هڪ عمارت ۾ پناهه وٺڻ لاءِ ڊوڙڻ لڳو. زلزلي سبب گهرن جي دروازن ۽ درين جا شيشا ٽٽي پيا جڏهن ته ڀر واري شهر دربنديخان ۾ گهرن جو ڇتيون ۽ ڀتيون ڌماڪي سان اڏامي ويون. امريڪا جي جيولاجيڪل سروي جي اداري ٻڌايو ته زلزلو عراقي ڪردستان جي علائقي ۾ ڏکڻ اولهه طرف جي شهر حلبجه کان 30 ڪلوميٽر (19 ميل) پري رات جو 9 لڳي 20 منٽن تي ان وقت آيو جڏهن علائقي جا شهري پنهنجن گهرن ۾ ويٺا هئا. ايران جي سرڪاري خابرو اداري ارنا مطابق زلزلي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر شهر ڪرمان شاهه جو قصر شيرين ۽ ازگلاح آهن. اي ايف پي سليمانيه جي هڪ رپورٽر ٻڌايو ته زلزلي بعد شهري گهٽين مان ٻاهر نڪري آيا ۽ ڪيترو ئي مالي نقصان پڻ ٿيو. هوڏانهن ايران جي عراقي سرحد طرف زلزلي تبريز سميت اولهه پاسي جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تباهي مچائي ڇڏي. زلزلي جا لوڏا ڪويت، ترڪي. سعودي عرب سميت ڀرپاسي جي ٻين ملڪن ۾ به محسوس ڪيا ويا آهن. ڪرمانشاهه جي گورنر جو چوڻ هو ته زخمين کي آس پاس جي شهرن ۾ منتقل ڪيو ويو آهي، ڪرمانشاهه بجلي جي فراهمي معطل آهي.  گڏيل قومن جي نمائندي ايران ۾ زلزلي سبب فوت ٿيلن جي ڪٽنب جي ڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. اسلامي جمهوريه ايران ۾ گڏيل قومن جي نمائندي ري لوئيس سومر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ايران جي اولهه علائقن ۾ زلزلي سبب وڏي پيماني تي جاني ۽ مالي نقصان تي افسوس جو اظهار ڪندي زلزلي سٽيلن جي هر ممڪن امداد لاءِ گڏيل قومن جي رضامندي جو اعلان ڪيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے