19 اتوار , نومبر 2017

نئين تڪبندين ۽ وقت سر چوندن تي اتفاق، سنڌ حڪومت آدمشماري نتيجا مڃڻ لاءِ تيار

اسلام آباد (بيورو): وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورين پارٽين ملڪ ۾ نينتڪ بندين لاءِ جلد قانون سازي ڪرڻ تي اتفاق ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وفاقي حڪومت پيپلز پارٽي جا سمورا مطالبا تسليم ڪندي سنڌ حڪومت جو آدمشماري جو رڪارڊ چيڪ ڪرڻ جو مطالبو به تسليم ڪري ورتو آهي، اسلام آباد ۾ وزيراعظم شاهد خاقان عباسي جي صدارت هيٺ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ سمورن صوبن جي وڏن وزيرن چونڊون وقت تي ڪرائڻ جو عزم ڪيو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جو ان حوالي سان چوڻ هيو ته وفاق آدمشماري جو سمورو ڊيٽا جاري ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي، جڏهن ته آدمشماري جو هڪ سيڪڙو ٿرڊ پارٽي کان چيڪ ڪرائڻ جو حق ڏنو ويو آهي، جنهن تحت ڪنهن به هڪ بلاڪ جي آدمشماري چيڪ ڪرائي سگهجي ٿي، جيڪڏهن انگن اکرن ۾ فرق آيو ته وفاق ان جو ازالو ڪندو، اجلاس ۾ اليڪشن ڪميشن جو بريفنگ ڏيندي چوڻ هيو ته حڪومت تڪ بندين جي لاءِ نئين ترميم جلد منظور ڪرائي، انهن جو موقف آهي ته 1998 جي آدمشماري مطابق اليڪشن ڪرائڻ مشڪل هوندو، ڳڻپ واري اداري اجلاس ۾ موقف اختيار ڪيو ته پرڏيهين جو درست انگ آدمشماري کان اڳ نٿا ٻڌائي سگهون، ملڪ ۾ رهندڙ پرڏيهين جي انگ جو مطالبو پنجاب ۽ خيبر پختونخواهه ڪيو هيو. ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن جي عملدارن سي سي آءِ اجلاس ۾ بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته 1998ع جي آدمشماري تحت اليڪشن ڪرائڻ ڏکيو ڪم آهي، جنهن ڪري نئين تڪبندين جي لاءِ بنا قومي اسيمبلي مان ترميم منطور ڪرائي. اجلاس ۾ غير ملڪيتن جا انگ اکر جاري ڪرڻ جو پنجاب ۽ خيبرپختونخواه جو مطالبو رد ڪيو ويو. سنڌ کي آدمشماري جو حق ڏنو ويو ڪو به هڪ بلاڪ چيڪ ڪرايو ويندو. آدمشماري جي سموري ڊيٽا جاري ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي. انگن اکرن ۾ فرق آيو ته وفاق ان جو ازالو ڪيو ويندو.0430

هي به ڏسي سگهو ٿا

شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے