19 اتوار , نومبر 2017

بئنڪ کي قرض نه موٽائڻ تي شريف خاندان جي اتفاق ٽيڪسٽائل مل جي نيلامي جو حڪم

 

لاهور(بيورو) لاهور هاءِ ڪورٽ اتفاق ٽيڪسٽائل ملز 15 ڊسمبر تي نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم نجي بئنڪ طرفان نيلامي جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران بئنڪ طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته اتفاق ٽيڪسٽائل ملز جي مالڪن ڪاروبار لاءِ قرض حاصل ڪيو ۽ اتفاق ٽيڪسٽائل ملز گروي رکرائي، بئنڪ مطابق باقيدار ميان هارون يوسف، ميان يوسف عزيز، ڪوثر يوسف، سائره فاروق، عائشه هارون قرض لاءِ ضمانت به ڏني پر قرض واپس نه ڪيو ويو. قرض جي ادائيگي نه ٿيڻ تي اتفاق ٽيڪسٽائل ملز کي 2000ع ۾ باقيدار قرار ڏنو ويو، ڊيفالٽر اتفاق ٽيڪسٽائل ملز خلاف 2016ع کان 25 ڪروڙ 33 لک 64 هزار جي ڊگري به جاري ٿي چڪي آهي. عدالتي ڊگري بعد اتفاق ٽيڪسٽائل ملز مالڪن 14 ڪروڙ 32 لک 69 هزار ادا ڪيا پر اتفاق ٽيڪسٽائل ملز طرفان ڊگري جي بقايا 11 ڪروڙ 95 هزار جي رقم ادا نه پئي ڪئي وڃي، تنهن ڪري هاءِ ڪورٽ رقم جي وصولي لاءِ اتفاق ٽيڪسٽائل ملز کي نيلام ڪرڻ جو حڪم ڏئي جنهن تي عدالت حڪم ڏنو ته ملز طرفان گروي رکيل زمين جي نيلامي لاءِ 15 ڊسمبر کان ڪارروائي شروع ڪئي وڃي.0630

جسٽس آصف کوسي جو حديبيه ڪيس ٻڌڻ کان انڪار، بئنچ ٽٽي وئي

اسلام آباد( م ڊ ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس آصف سعيد کوسا حديبيه پيپرز ملز ڪيس ٻڌڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي جنهن بعد اپيل ٻڌندڙ ٽه رڪني بئنچ ٽٽي وئي آهي. حديبيه پيپرز ملز ڪيس تي نيب جي اپيل جي ٻڌڻي ٿي ته بئنچ جي سربراهه جسٽس آصف سعيد کوسا پڇاڻو ڪيو ته نيب طرفان عدالت ۾ ڪير پهتو آهي جنهن تي نيب جي پراسيڪيوٽر کي روسٽرم تي طلب ڪيو ويو. جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته رجسٽرار شايد غلطي سان ڪيس بئنچ سامهون آندو آهي، رجسٽرار شايد سندس 20 اپريل جو فيصلو نه پڙهيو آهي، پاناما ليڪس ڪيس ۾ نيب چيئرمين کي به گهرايو ويو، جڏهن ته ڌرين جي وڪيلن پنهنجا پنهنجا دليل پيش ڪيا، پاناما ليڪس کانپوءِ حديبيا پيپرز ڪيس جو به هڪ حد تائين فيصلو ڏئي چڪو آهي، باقي ججن جي فيصلن بابت ڪجهه نه چوندو. هن چيو ته 20 اپريل جي فيصلي ۾ حديبيا پيپرز ڪيس بابت 14 پيرا گراف لکيا هئا، هو اسحاق ڊار جي حد تائين به پهريون ئي فيصلو ڪري چڪو آهي ڇو ته اسحاق ڊار حديبيا پيپرز ملز ڪيس ۾ پهريون جوابدار هو پوءِ سلطاني شاهد ٿي ويو، مان پنهنجي فيصلي ۾ اسحاق ڊار خلاف نيب کي به ڪارروائي لاءِ چيو. جسٽس آصف سعيد کوسا ٻڌڻي کان معذرت ڪري ڇڏي جڏهن ته نيب جي پراسيڪيوٽر کي درخواست ڪئي ته هو ڪيس ۾ ايندڙ هفتي جي تاريخ ڏئي ڇڏي جنهن تي جسٽس آصف سعيد کوسا چيو ته اهو استحقاق چيف جسٽس جو حق آهي. هن حديبيا پيپرز ملز ڪيس ۾ نيب جي اپيل جو معاملو واپس چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏيو ۽ نئين بئنچ جوڙڻ جي درخواست ڪئي.

ن ليگ پاران وقت کان اڳ چونڊن ۽ ڌانڌلين خلاف مزاحمت جو فيصلو

لاهور (م ڊ) ن ليگ جو اجلاس اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن ۾ چونڊن ۾ ڌانڌلين ۽ وقت کان اڳ چونڊون ڪرائڻ واري عمل خلاف مزاحمت جو فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ عوامي رابطا مهم هلائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. مائينس نواز فارمولو  به رد ڪيو ويو. اجلاس ۾ آئيني حدن ۾ رهي جدوجهد جو فيصلو ڪيو ويو. آئيني ترميم ۽ تڪبندين بابت سياسي جماعتن کي اعتماد ۾ وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو. 0429

نواز شريف کان ”سر“ جو خطاب واپس وٺڻ لاءِ درخواست تي وفاق کان جواب طلب

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان ” سر“ جو  جو خطاب واپس وٺڻ جي درخواست تي وفاق کان جواب طلب ڪري

ورتو آهي. لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف کان سر جو خطاب واپس وٺڻ لاءِ داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. وفاقي سرڪار پنهنجو جواب داخل ڪرائڻ لاءِ مهلت طلب ڪئي جنهن تي عدالت وفاق کي 7 ڊسمبر تائين پنهنجو جواب داخل ڪرائڻ جي مهلت ڏئي ڇڏي آهي. درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته برطانيا جي راڻي پاڪستان جي 50 سالن جي تقريبن جي موقعي تي نواز شريف کي سر جو خطاب ڏنو جيڪو هن وفاقي ڪابينا ۽ پارليامينٽ جي منظوري کانسواءِ ورتو. هن چيو ته سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي فيصلي ۾ نواز شريف کي نااهل قرار ڏنو آهي، اهڙي فيصلي جي روشنيءَ ۾ نواز شريف سر جي خطاب جي اهل ناهي.

پرڏيهه مان ملڪيت واپس آڻڻ لاءِ درخواست تي زرداري، نواز شريف ۽ ٻين کي نوٽيس

لاهور( ويب ڊيسڪ ) لاهور هاءِ ڪورٽ پرڏيهه اثاثا واپس گهرائڻ جي درخواست تي اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداريءَ سميت 64 سياستدانن کان 7 ڊسمبر تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي. هاءِ ڪورٽ ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف، تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سميت 64 سياستدانن جا پرڏيهه اثاثا واپس گهرائڻ لاءِ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي وئي. درخواستگذار طرفان موقف اختيار ڪيو ويو ته نواز شريف، عمران خان ۽ آصف زرداريءَ سميت 64 سياستدانن پرڏيهه اثاثا ٺاهيا آهن، درخواستگذار عدالت کي اپيل ڪئي ته سياستدانن جا اثاثا واپس آڻڻ جو حڪم ڏنو وڃي.0629

هي به ڏسي سگهو ٿا

شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے