17 اڱارو , جولاءِ 2018

صاف ٻڌايو ته ماڻهو ڪهڙي ڏوهه ۾ کنڀجن ٿا، بي گناهه آزاد ڪيا وڃن:سپريم ڪورٽ

اسلام آباد (م د) گم ٿيلن جي ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ چيوته ڏوهاري کي سزا ڏئي بي گناهه ماڻهن کي آزاد ڪيو وڃي. ٻڌايو وڃي ته کنڀيل ماڻهن تي ڪهڙا الزام يا ڪيس آهن. جسٽس اعجاز افضل جي سربراهي ۾ 2 رڪني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. حڪومتي وڪيل چيو ته فاٽا جي حراستي مرڪز جي رپورٽ ناهي ملي. عدالت تاسف ملڪ جي وارثن سان هفتي اندر ملاقات ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي.آمنه مسعود جنجوعا جي وڪيل چيو ته راجن پور مان کنڀيل ڪجهه ماڻهن تي سيوهڻ ڌماڪي ۾ ڦاسائڻ جي ڪوشش ٿي. پر آءِ جي اي ڊي خواجا جي مداخلت سبب هڪ شخص بچي ويو. آمنه مسعود چيو ته گم ٿيلن جي ڪميشن لکت ۾ حڪم ناما گم ٿيلن جي وارثن کي نه ٿي ڏئي. هن چيو ته هاڻ به ماڻهو گم ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي. 0329

هي به ڏسي سگهو ٿا

CaretackerCmSindh, ECP

چونڊ ضابطن تي عمل کي هر صورت ۾ يقيني بڻايو ويندو : نگران وڏو وزير

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ جي نگران وڏي وزير فضل الرحمان چيو آهي ته سمورين سياسي پارٽين …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے