19 اتوار , نومبر 2017

شگر مل مالڪ سنڌ حڪومت کان ڏاڍا، پاڻ مرادو ڪمند اگهه 154 رپيا مڻ مقرر

ڪراچي/حيدرآباد/سکر (نمائندا) سنڌ ۾ ڪمند جي اگهه ۽ ملون هلائڻ جو معاملو حل نه ٿيو، پهريون ڀيرو آبادگارن ۽ پاسما گڏيل اجلاس بدران حڪومت اڳ ۾ مل مالڪن جو اجلاس گهرايو، اڄ آبادگارن سان اجلاس گهرايو ويو. سنڌ سرڪار صوبي ۾ شگر ڪين انڊسٽري کي شگر ڪين ايڪٽ تحت 15 آڪٽوبر کان ويندي هلندڙ نومبر جي مهيني ۾ به شروع ڪرائڻ ۾ ناڪامي کي منهن ڏئي رهي آهي، سنڌ جي شگرمل مالڪن نومبر ۾ به شگرملون هلائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي، ذريعن موجب ڪالهه شگر ڪين بورڊ جو اجلاس زراعت کاتي جي وزير سهيل انور سيال جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ ٿيو، جنهن ۾ شگرمل مالڪن شرڪت ڪئي، ذريعن موجب اجلاس ۾ شگرمل مالڪن کنڊ جا ذخيرا موجود هجڻ جا بهانا بڻائي هلندڙ نومبر جي مهيني ۾ شگرملون هلائڻ کان لاچاري ظاهر ڪئي، جڏهن ته زراعت کاتي طرفان آبادگارن جي ڪمند جي نئين اگهه وارو معاملو به شگرمل مالڪن سامهون رکيو، جنهن تي پڻ شگرمل مالڪن آبادگارن جي 200 رپيا في مڻ ڪمند جو اگهه ڏيڻ واري مطالبي کي رد ڪندي اگهه ڏيڻ کان جواب ڏئي ڇڏيو، شگرمل مالڪن گذريل سال جي ڀيٽ ۾ به هلندڙ سال ڪمند جو نئون اگهه 154 رپيا في مڻ ڏيڻ جو اڳواٽ ئي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ سنڌ حڪومت شگرمل مالڪن آڏو بيوس بڻجي وئي آهي، زراعت کاتي طرفان اڄ آبادگارن جو اجلاس پڻ سڏايو ويو آهي، جنهن ۾ ايوان زراعت، سنڌ آباد بورڊ ۽ سنڌ آبادگار اتحاد جا اڳواڻ شرڪت ڪندا. ذريعن موجب اڄوڪي اجلاس ۾ به آبادگارن تي ڊسمبر ۾ ڪمند جي ڪريشنگ ڪرڻ لاءِ زور ڀريو ويندو. جنهن سبب سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪمند جي نئين سيزن 18-2017ع وقت تي شروع ٿيڻ بجاءِ وڌيڪ دير جو شڪار ٿي ويندي، سنڌ شگر ڪين ايڪٽ تحت 15 آڪٽوبر کان ڪمند جي پيڙهائي شروع ڪرڻ لازمي هجڻ باوجود ايڪٽ تي عمل نه ٿي سگهيو آهي، ذريعن موجب پاسما زراعت کاتي کي ڊسمبر جي شروعات ۾ شگرملن جون چمنيون ٻارڻ ۽ ڊسمبر جي آخر ۾ شگرملون هلائي ڪريشنگ ڪرڻ بابت پنهنجو اڳواٽ ئي فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي، ذريعن موجب سنڌ ۾ ڪمند جو نئون امدادي اگهه ۽ شگرملون هلائڻ جو حتمي فيصلو ۽ ان جو اعلان 21 نومبر تي ڪيو ويندو. جنهن ۾ ڪمند جو اگهه 185 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ جو امڪان آهي. سنڌ ۾ هلندڙ سال ڪمند جو نئون امدادي اگهه مقرر نه ٿيڻ ۽ پرڳڻي جي 37 شگرملن مان هڪ به شگر مل چمني نه ٻاري آهي، جڏهن ته آبادگارن جو مطالبو هو ته دير ۾ دير 5 نومبر کان شگرملون چالو ڪرائي ڪمند جي ڪريشنگ سيزن شروع ڪئي وڃي، پر پاسما اهڙو مطالبو تسليم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي، جنهن سبب سنڌ جا آبادگار سخت پريشان ٿي ويا آهن، سنڌ شگرڪين ايڪٽ تحت 15 آڪٽوبر کان صوبي ۾ شگرملون ڪمند جي ڪريشنگ ڪنديون آهن، پر گذريل ڪجهه سالن کان آڪٽوبر بجاءِ نومبر ۾ شگرملون چالو ڪيون هيون، گذريل سال آبادگارن ۽ شگرمل مالڪن شگر ڪين بورڊ جي اجلاس ۾ گڏيل اتفاق راءِ سان ڪمند جو امدادي اگهه 182 رپيا في مڻ مقرر ڪرڻ ۽ صوبي ۾ ڪمند جي پيڙهائي ڪرڻ لاءِ شگرملون 15 نومبر کان هلائڻ جو فيصلو ڪيو هو، جنهن تي عمل درآمد پڻ ٿيو هو، پر هلندڙ سال معاملو نومبر ۾ حل ٿيڻ بجاءِ بجاءِ ڊسمبر ۾ حل ٿيڻ جو امڪان آهي. آبادگارن موجب گذريل 6 سالن کان ڪمند جو اگهه 182 رپيا رهندو آيو آهي ۽ هن سال سنڌ جي آبادگارن جو اهو مطالبو آهي ته سال 2017ع ۽ 2018ع جي لاءِ ڪمند جو اگھه في مڻ 200 رپيا مقرر ڪيو وڃي، جڏهن ته آبادگارن موجب سنڌ ۾ ڪمند جي پيداوار صوبي جي گھرج مطابق هوندي آهي، ان ڪري پنجاب مان ڪمند گھرائڻ تي پابندي لڳائي ان جو باضابطه طور تي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو وڃي. هوڏانهن ٻئي طرف سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ آهي، پاڻي نه هجڻ ڪري لکين ايڪڙن تي بيٺل ڪمند جو فصل ته متاثر ٿيڻ لڳو آهي، پر ڪڻڪ جي پوکائي به سخت متاثر ٿي رهي آهي. ضلع سجاول جي لاڙ شگرمل ديوان شگر مل شاهه مراد شگر  چالو نه ٿيڻ ڪري ڪمند جي آباگارن کي ڪروڙين روپين جو نقصان ٿي رھيو آھي  انھي سلسلي ۾ شاھبندر تعلقي جي آبادگارن  حاجي نصير پنجابي حاجي لياقت جمالي حاجي مولابخش سنجراڻي ڊاڪٽر غلام مصطفيٰ ميمڻ  ڊاڪٽر محمد عثمان سنجراڻي محمد يوسف جمالي قربان علي رند عبدالشڪور جمالي ۽ ٻين شاھبندر پريس ڪلب جي صحافين سان ڳالھائيندي چيو ته  ضلعي سجاول ۾ شگر ملون لاڙ ديوان  شاهه مراد وقت سر ڪمند جي پيڙاھي نه ڪرڻ سبب  ڪمند جو فصل  سخت سوڪھڙي جي شدت اختيار ڪري ويو آھي. بدين ضلعي جي ست شوگر ملن ڪمند جي پيڙائي نه ڪئي شوگر مل مالڪن ۽ آبادگارن ۾ ڪمند جي اگهه ۽ ملون نه ھلائڻ واري معاملي تي تڪرار ھلندڙ آھي. آرمي شوگر مل بدين، مرزا شوگر مل، باواني تلھار شوگر مل، کوسڪي شوگر مل  پنگريو شوگر مل، انصاري شوگر مل سميت ست شوگر ملن ڪا به ھلڻ لاءِ تياري نه ڪئي آھي جنھنڪري آبادگار سخت پريشاني جو شڪار ٿي ويا آھن آبادگار اڳواڻن عاشق علي گوپانگ .غلام محمد کوسو اختر کوسو  لائق کوکر ۽ ٻين چيو ته حڪومت بيوس آھي. هوڏانهن شهدادپور ۾ پ پ ش ڀ ڪارڪن شگرملون هلائڻ لاءِ احتجاج ڪبو.0330

هي به ڏسي سگهو ٿا

شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے