19 اتوار , نومبر 2017

نئين ديري ۾ گُم ٿيل 5 ورهين جي نينگري لڄالٽ بعد قتل، شڪي جوابدار گرفتار

نئون ديرو (رپورٽ: اياز چنو) نئون ديرو مان گم ٿيل نينگري  زوري زنا بعد گھٽا ڏئي قتل ڪري لاش کڏ ۾ اڇلايو ويو وارثن نينگري جي ڳولا ڪرڻ دوران لاش لاش کڏ مان ھٿ،پوليس ھڪ شڪي کي گرفتار ڪري ورتو ،نئون ديرو جي گهرگهل شاھ محلي مان گذريل ڏينھن پر اسرار نموني گم ٿي ويل 5 ورھين جي معصوم نينگري مسڪان ناريجو کي نامعلوم جوابدارن پاران مبينا طور تي زنا ڪرڻ بعد گھٽا ڏئي سندس لاش کڏ ۾ اڇلائي ڇڏيو ھو وارثن پاران ڳولا بعد نئون ديرو ٻاھران ريلوي اسٽيشن جي ڀرسان پاڻي جي کڏ مان لاش مليو آھي پوليس موجب وارث نينگري جي ڳولا ڪري رھيا ھئا ته کين لاش نظر آيو جنھن بعد پوليس کي اطلاع ڏنو ويو پوليس پھچي لاش ٻاھر ڪڍي پوسٽ مارٽم لا نئون ديرو اسپتال کڻائي آئي جتي ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويولاش گھر پھچڻ تي قھرام مچي ويو پوسٽ مارٽم ۾ پوليس ذريعن موجب نينگري کي زنا ڪري گٽا ڏئي قتل ڪرڻ بعد لاش فٽو ڪيو ويو پوسٽ مارٽم ۾ اھڙيون شاھديون مليون آھن  ٻئي پاسي نئون ديرو پوليس گھرگھل شاھ محلي مان ھڪ شڪي سراج ڪلھُوڙو کي گرفتار ڪري نامعلوم ھنڌ تي منتقل ڪري ڇڏيو آھي ھوڏانھن نينگري جو لاش سڄيل ھو پوليس جاچ شروع ڪري ڇڏي آھي جڏھن ته خبر موڪلڻ تائين ڪيس داخل ٿي نه سگهيو ھو،ياد رھي ته آچرواري شام جو نينگري گهر ٻاھران نڪرڻ بعد گم ٿي وئي ھئي ،وارثن پاران ڳولا بعد سندس لاش مليو،ٻئي پاسي نينگري جو لاش گهر پھچڻ تي گهر ۾ روڄ راڙو مچي ويو آھي ،ٻئي پاسي واقعي بعد علائقي اندر والدين ۾ خوف طاري ٿي ويو آھيھوڏانھن ايس ايڇ او نئون ديرو سرتاج جاگيراڻي رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته ھڪ شڪي گرفتار ڪيو آھي جنھن کان جاچ ڪيون پيا ٻئي پاسي نئون ديرو اسپتال جي ميڊيڪل آفيسر ڊاڪٽر غضنفر کوکر رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو آھي ته نينگري کي گھٽن جا نشان آھن جڏھن ته لڄالٽ واري عنصر کي رد نه ٿو ڪري سگھجي شھرين پنھنجا ٻارڙا ٻاھر ڪڍڻ بند ڪري ڇڏيا آھن ھوڏانھن ٻئي نينگر ظائر ڪلر جو پتو نه پيو آھي ان کي به ڇھ ڏينھن گھر ٻاھران پراسرار نموني گم ٿي گذري وياآھن.06

هي به ڏسي سگهو ٿا

شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس مان غير حاضر

ڪراچي: اڳوڻي صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيلهه جي سور سبب سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے