19 اتوار , نومبر 2017

آئي فون ايڪس ۾ چهري جي سڃاڻپ جو فيچر به خراب نڪتو

نيويارڪ (ويب ڊيسڪ): هلندڙ سال آمريڪي ٽيڪنالاجي ڪمپني ايپل جي سينئر وائيس پريزيڊنٽ فل شيلر آئي فون ايڪس جي افتتاحي تقريب دوران دعويٰ ڪئي هئي ته ان جديد ترين فون ۾ چهرو سڃاڻڻ جو آپشن شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو فن جي سڪيورٽي کي بهتر بڻائيندو، جڏهن ته آئي فون ايڪس جو اهو فيچر به خراب نڪتو آهي، آئي فون 10 شروع کان ئي تڪرارن جي وڪڙ ۾ رهيو آهي، پهرين تنقيد ڪندڙن ان جي قيمت تي اعتراض اٿاريا، پوءِ ان جي مضبوطي تي خدشا ظاهر ڪيا ويا، هاڻي ان جي ”مصنوعي ذهانت“ تي سوال اٿاريو ويو آهي، ويٽنام ۾ موجود محققن دعويٰ ڪئي آهي ته انهن رڳو 150 ڊالر جي لاڳت سان تيار ڪيل ماسڪ جي ذريعي آئي فون ايڪس جي چهرو سڃاڻپ ڪرڻ واري فيچر کي دوکو ڏنو آهي ۽ هڪ ماسڪ جي مدد سان آئيفون جو لاڪ کوليو آهي، ويٽنام جي سڪيورٽي ڪمپني ”بي ڪاف“ جي دعويٰ آهي ته ان جي ماهرن ٿري ڊي وڊيو پرنٽر ۽ هٿ جي مدد سان تيار ڪيل خاص ماسڪ ذريعي آئي فون ايڪس کي مصنوعي ذهانت کي مات ڏئي ڇڏي آهي، ڪمپني طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ماسڪ جو نڪ هڪ آرٽسٽ هٿ سان بڻايو، جڏهن ته چهري جي ٻين حصن لاءِ 2 ڊي پرنٽر استعمال ڪيو ويو، هن ٻڌايو ته ماسڪ جو ٻاهريون حصو ٿري ڊي پرنٽر جي مدد سان تيار ڪيو ويو، جنهن کي 2 ڊي تصويرن ۽ هٿ سان بڻايل چمڙي سان ملايو ويو ۽ ٿورو گهڻو ميڪ اپ ڪيو ويو، ڪمپني ماهرن ان حوالي سان هڪ وڊيو به جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته هڪ شخص آئي فون 10 کي ماسڪ ذريعي ان لاڪ ڪري رهيو آهي، اهو واضح ناهي ته ڪمپني کي ماسڪ بڻائڻ ۾ ڪيترو وقت لڳو ۽ آئي فون ايڪس جي ان نقص تي عام صارفن کي ڪيترو نقصان ٿيندو، خيال رهي ته ايپل جي فيس آءِ ڊي ٽيڪنالاجي چهري جي سڃاڻپ لاءِ ٽرو ڊيپٿ ڪيمرا استعمال ڪندي آهي، جيڪو ڊاٽ رپوجيڪٽر، انفرا ريڊ ڪيمرا ۽ فلڊ اليومينيٽر جو مجموعو آهي، ويٽنامي ڪمپني جو چوڻ آهي ته ايپل جو چهري جي سڃاڻپ جو مڪينزم ايترو بهتر ناهي، جيترو ماڻهو سمجهن ٿا ۽ ايپل چهري جي سڃاڻپ لاءِ رڳو مصنوعي ذهانت تي ڀاڙي ٿو، ڪمپني موجب انهن کي فون ان لاڪ ڪرڻ لاءِ رڳو اڌ چهري جو ماسڪ تيار ڪرڻو پيو ۽ اهو انهن جي سوچ کان به وڌيڪ آسان هيو، جيڪهن ان جو غلط طريقي سان استعمال ڪيو ويو ته ڇهري جي سڃاڻپ جو فيچر صارفن لاءِ مشڪلات پيدا ڪري سگهي ٿو، سڪيورٽي ڪمپني جو چوڻ آهي ته في الحال عام صارفن کي ڪو خطرو ناهي پر ارب پتي ماڻهو، وڏين ڪمپنين جا سربراهه، قومي اڳواڻن ۽ ڳجهن ايجنٽس جي چهرن ا ماسڪ تيار ڪري ان انهن فون تائين رسائي حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪري سگهجي ٿي، ان حوالي سان ايپل ڪمپني طرفان في الحال ڪو موقف سامهون ناهي آيو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڳالهين جو پهريون دور ختم، اميد ته معاملو جلد حل ٿي ويندو: امين الحسنات

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مملڪتي وزير امين الحسنات چيو آهي ته حڪومت ۽ ڌرڻي جي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے