19 اتوار , نومبر 2017

ڇا توهان به ڀورا ٿيڻ چاهيو ٿا، جيڪڏهن ها ته پوءِ هي گهريلو نسخا آزمايو…

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): اڄ جي دور ۾ هر انسان جي خواهش هوندي آهي ته هو سڀ کان وڌڪ خوبصورت نظر اچي ۽ انسان جي سوچ موجب انسان جو چهرو ان جي شخصيت کي ظاهر ڪندو آهي، خاص طور عورتن جي اها خواهش هوندي آهي ته هنن جو چهرو صاف ۽ ڀورو نظر اچي، جنهن لاءِ ماڻهو مهانگين ڪريمن ۽ دوائن جو سهارو وٺندا آهن، جن جا ناڪاري اثر ايترا ته خطر ناڪ هجن ٿا، جو انسان کي موت ويجھو کڻي وڃن ٿا ۽ انسان کي لاچار ڪري ڇڏين ٿا، اها ڳالهه به پنهنجي جڳهه تي سهي آهي ته ڪجهه ڪريمون وڏي تحقيقن کان پوءِ ٺهن ٿيون پر انهن جي نقل کي روڪڻ يا انهن جي سڃاڻپ ڏکي آهي، جنهن ڪري ماڻهو نقلي ۽ غير معياري ڪمپنين جي دوکي ۾ اچي وڃن ٿا، جڏهن ته هر ماڻهو پنهنجي گھر ۾ تيار ٿيل هربل ماسڪ سان پنهنجي  چهري کي صاف ۽ خوبرو بڻائي سگھي ٿو! جي ها ڪجهه هربل شيون اهڙيون هونديون آهن، جيڪي انساني کل لاءِ بهترين ڪم ڪن ٿيون ۽ اوهان جي چهري کي بارونڪ ڪري سگھن ٿيون، جن مان ڪجهه شيون هيٺ ڏجن ٿيون:

ليمون ۽ هيڊ جي پيسٽ ٺاهي چهري تي هڻڻ سان چهري جي کل جو رنگ اڀرندو آهي، ڏهن منٽن کان پوءِ آهستي هلڪي هٿ سان مساج ڪري چهري تان ان کي لاهي ڇڏيو ۽ صاف پاڻي سان چهري کي ڌوئي ڇڏيو. ايئن هفتي ۾ 2 کان ٽي دفعا ڪيو، اوهان جي چهرو ڀورو ٿي پوندو.

ماکي ۽  زردالو جو ليپ اوهان جي رنگ کي ڀورو ڪرڻ ۾ به وڏو فائديمند آهي ۽ اوهان جي چهري تي موجود بج کي به ختم ڪندو آهي.

رات جو سمهڻ کان اڳ اصل ماکي ۽ کير جي ٿري (هڪ جيتري مقدار ۾) ملائي چهري تي هڻڻ سان چهري جا داغ ۽ داڻا (يا موهيڙا) هلڪا ٿي ويندا آهن ۽ رنگ به صاف ٿيندو آهي.

هڪ تولو ليمن جو جوس، زيتون جو تيل ۽ بادام جو تيل ٻه ٻه تولا، ٽنهي جي مرڪب کي رات جو سمهڻ وقت چهري ۽ ٻانهن تي ملي اوهان رنگ ڀورو ڪري سگهو ٿا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

جيڪڏهن وارَن کي صحتمند رکڻ چاهيو ٿا ته پوءِ هنن ڪمن کان پاسو ڪيو…!

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) مرد هجي يا عورت، ٻئي پنهنجي وارن جي معاملي ۾ ڏاڍا حساس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے