20 پیر , نومبر 2017
نڪور خبرون

ڀارت ۾ پبلڪ ٽرانسپورٽ نارين لاءِ ويل بڻيل، ماءُ نياڻيءَ جي عزت بچائي ورتي

ڪلڪتو (ويب ڊيسڪ): ڀارت ۾ 40 ورهين جي عورت پنهنجي ڌيءَ کي جنسي حيوانيت جو شڪار بڻجڻ کان بچائڻ لاءِ ڌيءَ سان گڏ هلندڙ ريل گاڏيءَ مان ٽپو ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته ٻئي محفوظ آهن، 40 ورهين جي عورت جو چوڻ آهي ته اها پنهنجي 15 ورهين جي ڌيءَ سان گڏ ڪلڪتي کان دهلي وڃي رهي هئي ۽ ان وقت رات جا 10 ٿيا هئا، جڏهن منهنجي ڌيءَ واش روم لاءِ وئي ته ان جي پٺيان ئي چار کان پنج ماڻهو هليا ويا ۽ پوءِ مون پنهنجي ڌيءَ جون رڙيون ٻڌيون، مان ڊوڙندي اتي پهتس ۽ انهن پنجن ئي ماڻهن سان وڙهندي پنهنجي ڌيءَ جو هٿ پڪڙي ريل گاڏيءَ مان هيٺ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ريل ۾ انهن ماڻهن منهنجي ڌيءَ جا ڪپڙا به ڦاڙي ڇڏيا هئا، ان وقت ٽرين مان ٽپو ڏيڻ کانسواءِ اسان وٽ ڪو ٻيو آپشن موجود نه هيو، اهو واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ٽرين چندري ۽ ڪانپور وچ ۾ هئي، اسان ٻئي ٽرين مان ڪرندي ئي بيهوش ٿي ويون سين ۽ تقريبن ٻن ڪلاڪن کناپوءِ هوش آيو ته اسان سخت زخمي ٿي پيون هيون سين، جڏهن اسان جا هوش بحال ٿيا ته مان پنهنجي ڌيءَ کي وٺي چندري ريلوي اسٽيشن طرف هلي پيس ۽ جڏهن ماڻهن اسان کي زخمي حالت ۾ ڏٺو ته فوري طور ايمبولس گهرائي ۽ اسان کي اسپتال پهچايو، ان واقعي بابت پوليس کي آچر ڏهاڙي معلوم ٿيو، پوليس جو چوڻ آهي ته ڪيس داخل ڪري ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي، عورت ٻڌايو ته 10 کان 15 ماڻهن جي گروهه اسان جي ٽرين ۾ چڙهڻ تي ئي منهنجي ڌيءَ کي حراسان ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هيو، اسان ٻن کان ٽي ڀيرا پوليس اهلڪار کي انهن جي شڪايت ڪئي پر ڪو به ايڪشن نه کنيو ويو ۽ انهن ماڻهن پوليس اهلڪار کي پئسا ڏيئ ٻيهر انتهائي شرمناڪ حرڪتون شروع ڪري ڇڏيون، انهن مون کي ڌمڪي ڏني ته اهي منهنجي ڌيءَ کي نشو ڏئي ڪنهن بازار ۾ وڪڻي ڇڏيندا.

هي به ڏسي سگهو ٿا

زمبابوين صدر جو قوم سان خطاب، استعيفيٰ جو ذڪر ئي نه ڪيو

هراري(ويب ڊيسڪ) زمبابوي ۾ سياسي هلچل جاري آهي جڏهن ته صدر رابرٽ موگابي قوم سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے