19 اتوار , نومبر 2017

”ٿڌ ۾ ٽچ ڪم ڇڏي ٿي ڏئي“:  آئي فون ايڪس ۾ وڏي خرابيءَ جو انڪشاف

نيو يارڪ (ويب ڊيسڪ): مشهور آمريڪي ڪمپني ”ايپل“ جي بهترين ۽ مهانگي موبائيل فون ”آئي فون ايڪس“ ۾ هڪ ٻي خرابي سامهون اچي وئي، هڪ هزار آمريڪي ڊالر ماليت جون جديد فيچرز رکندڙ آئي فون ايڪس جي ايڪٽيويشن جي مسئلي کانپوءِ ٽچ اسڪرين جي خرابي جو به انڪشاف ٿيو آهي، ايپل ڪمپني جي ٺهيل شين تي نظر رکندڙ ويب سائيٽ ’نائين ٽو فائيو ميڪ‘ پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ٻڌايو آهي ته ٿڌي موسم ۾ آئي فون ايڪس جي ٽچ اسڪرين ڪم ڪرڻ ڇڏي ويندي آهي، اهڙي هنڌ جتي گرمي پد صفا ختم ٿي وڃي اتي آئي فون ايڪس جي اسڪرين ڪم ڪرڻ جي صلاحيت مڪمل طور تي ختم ٿي ويندي آهي. ان حوالي سان آئي فون ايڪس استعمال ڪندڙ ڪجهه ماڻهن سوشل ميڊيا تي شڪايت ڪئي ته کين سخت ٿڌي موسم ۾ پنهنجو موبائيل فون استعمال ڪرڻ ۾ تمام گهڻي مشڪل پيش اچي رهي آهي، ايپل ان خرابي جو اعتراف ڪندي چيو آهي ته هو موسمي گرمي پد ۾ پيش ايندڙ ان مسئلي جي حل لاءِ سافٽ ويئر ۾ تبديلي آڻي رهيا آهن ۽ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ ان کي اپ ڊيٽ ڪيو ويندو. ايپل ان مسئلي جي حل لاءِ في الحال ڪو به ٽائيم فريم ناهي ڏنو، جڏهن ته اهو اپ ڊيٽ بيٽا پروگرام تي آزمائشي مرحلي ۾ آهي. واضح رهي ته ان کان اڳ آئي فون ايڪس جي واهپيدارن سخت ٿڌ ۾ ان ڊيوائيس جي ايڪٽو نه ٿيڻ جي شڪايت به ڪئي هئي، جنهن تي ڪمپني وضاحت ڪندي چيو ته هڪ عارضي خامي کانپوءِ اهو مسئلو حل ٿي ويندو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوا ۾ اڏرڻ واري ڪار 2019 ۾ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جو اعلان

 لندن(ويب ڊيسڪ)ڪيترن ئي مهينن تائين گردش ڪرڻ واري افواهون کان پوءِ سوئيڊن جي ڪار ٺاهڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے