19 اتوار , نومبر 2017

سوزوڪي جي نئي 150 سي سي موٽر سائيڪل متعارف

 ٽوڪيو(ويب ڊيسڪ)سوزوڪي پنهنجي نئي 150سي سي موٽر سائيڪل ڀارت ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪري ڇڏي آهي. جڏهن ته هي ڀارت ۾ 98 هزار ڀارتي رپيا ۽ (هڪ لک 57 هزار پاڪستاني رپين)کان وڌيڪ ۾ وڪرو ڪئي ويندي. هن سگنل سلنڊر موٽر سائيڪل ۾ 155 سي سي انجن ڏني وئي آهي جيڪا چوڏهن هارس پاور جو حامي آهي جنهن ۾ مسافرن جي حفاظت لاءِ ائيرباڪس به ڏنو ويو آهي. هن جو وزن 156 ڪلو ڪرام آهي ۽ ڪمپني موجب هي موٽر سائيڪل في ليٽر 44 ڪلو ميٽر تائين سفر ڪري سگهي ٿي. ڪمپني جو چوڻ آهي ته موٽر سائيڪل پنهنجي ڊيزائن جي سبب ٻين کان ڪافي مختلف نظر اچي رهي آهي ۽ هن ۾ اي بي ايس جهڙي مستقبل جا فيچر ڏنا ويا آهن. ۽ هن کي 2 رنگن ۾ وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويندو. جڏهن ته ايندڙ سال ڪنهن به وقت ٻين ملڪن ۾ به وڪرو لاءِ پيش ڪيو ويندو جنهن ۾ ممڪن طور تي پاڪستان به شامل آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

هوا ۾ اڏرڻ واري ڪار 2019 ۾ مارڪيٽ ۾ وڪرو ڪرڻ جو اعلان

 لندن(ويب ڊيسڪ)ڪيترن ئي مهينن تائين گردش ڪرڻ واري افواهون کان پوءِ سوئيڊن جي ڪار ٺاهڻ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے