25 سومر , جون 2018

روح رچنديون

ستار پيرزادو

ڪجھه عرصي کان اسان جي ڳوٺ ٻلهڙيجي جا ڪيترا ئي نوجوان ۽ جوان سال روزگار ملڻ ڪري، ڪراچيءَ جي، گلستان جوهر جي بلاڪ نائين ۾ اچي اجھا وي ويٺا آهن. جن ۾ اڪثريت ته پيرزادن  جي آهي، جيڪي مختلف ادارن ۾ نوڪريون ڪري رهيا آهن، ۽ انهن گلستان جوهر جي ڀٽائي آباد، ڌڻي بخش خاصخيلي ڳوٺ، راشدي ڪالوني ۽ بختاور ۾ پنهنجا اجھا خريد ڪري سڪونت حاصل ڪري چڪا آهن. محسوس اهو پيو ٿئي ته اسان جي خاندان جا ڪيترا ئي فرد، ۽ گھر هاڻ ڪراچيءَ ۾ آباد ٿي چڪا آهن. اڃان به هڪڙي کوٽ اها پئي محسوس ٿئي ته ڪاش! اسان سڀ هڪڙي علائقي ۾ ويٺل هجون ها ته ڪيرو نه چڱو ٿئي ها، پر اسان ۾ اهڙو ڪوبه پئسي وارو ماڻهو ناهي، جواهڙي سوچ رکي، ڪراچيءَ ۾ ڪو اهڙو علائقو پسند ڪري، حڪومت کي درخواست ڏئي، پلاٽ يا زمين جو ڪو ٽڪرو حاصل ڪري، ڳوٺ وارن کي آسان قسطن ۾وڪڻي ڏئي ها، ته پنهنجو ڪو پاڙو يا ڪا سوسائٽي يا ڪا ڪالوني جوڙي، جنڊو جنڊي ۾ ڏئي ويهي سگھجي ها.

بهرحال هاڻ ته ماشاءَ الله اسان جي ڳوٺ، اڃان به خاندان جا ڪيترا ئي فرد، ڊاڪٽر محمد حسن جيان ڪراچيءَ ۾ وارد ٿي ۽ رهائش اختيارا ڪري چڪا آهن.ا پر اهي سڀ جا سڀ مختلف علائقن  ۾ ان ڪري پکڙيل آهن جو هر ڪنهن پنهنجي کيسي آهر، علائقا پسند ڪيا ۽ اجھا حاصل ڪيا آهن.

انهن خاندانن مان وري خاص ڪري جوان سال، اسان جي اولاد مان ڪن اها ڳالهه سوچي، ته ڪراچيءَ ۾ هڪڙو ’ٻلهڙيجي هائوس‘ ٺاهجي، جنهن ۾ نه صرف ڳوٺ وارن پر اوڙي پاڙي جي ڳوٺاڻن کي ڪراچيءَ ۾ ڪمين ڪارين اچڻ وارن، اسان جي ڳوٺ يا ڀر پاسي جي ڳوٺن جي  بي پهچ ماڻهن، جيڪي ڪي مريض علاج لاءِ ڪراچيءَ وٺي اچن ٿا، نوڪرين خاطر انٽر ويو ڏيڻ جي لاءِ ڪراچيءَ اچن ٿا، ۽ کين جيڪا رهائش جي تڪليف ٿي پهچي، اها ان ’ٻلهڙيجي هائوس‘ هجڻ ڪري دور ٿي سگھي ٿي ۽ هو آرام سان ڪجھه ڏهاڙا اتي رهي، پنهنجي غرض پورو ڪري خير خوبيءَ سان، بنا ڊپ ڊاءَ جي رهن، بنا تڪليف جي واپس وري سگھن. ان لاءِ هنن جوان سال دوستن پنهنجي مدد پاڻ جي بنياد تي اهو ڪم ڪرڻ شروع ڪري ڏنو هو، ۽ نيٺ ’ٻلهڙيجي هائوس‘ ڀٽائي آباد ۾ هڪڙي جاءِ مسواڙ تي وٺي شروع ڪري ڇڏيو. ان ۾ هڪڙي اهڙي نوجوان کي رهڻ جي سهوليت مهيا ڪرڻ سان گڏ ان گھر جي نظرداري ءَ جي ذميواري به سونپي وئي. جيئن هر آڌيءَ مانجھيءَ اچڻ واري کي جاءِ کولي ڏئي سگھي. جيئن سندن رهائشي ضرورت پوري ٿي سگھي.

ڪجھه مهينن کان پوءِ ڀٽائي آباد واري جاءِ بدلائي، سفوران چؤنڪ ڀرسان، ڊاڪٽر اصغر پيرزادي جي ڪلينڪ جي ڀرسان، ڏهه هزار مسواڙ تي هڪ جاءِ ورتي وئي، جنهن جي نظرداريءَ جي ذميواري به ڊاڪٽر اصغر حوالي ڪئي وئي، باقي ان جي مسواڙ هر مهيني مختيار سومرو ڏئي رهيو آهي. ان جي مشهوري ۽ ڳوٺ وارن سان هر وقت رابطي ۾ رهڻ لاءِ انهن ئي جوانن موبائيل فون تي ’واٽس اپ‘ جي جديد ترين سهوليت جي فائدي مان ڪم وٺندي، اصل ٻلهڙيجيءَ ۾ رهندڙ ڪجھه هم خيال جوان ۽ نوجوانن سان رابطو رکي، هڪ ٻئي سان ڳوٺ جي روبروز جي خبرن سان ڳانڍاپو ڪري ڇڏيو آهي. ان ڳانڍاپي رستي کين ڪنهن به ضرورتمند جي ڪراچي اچڻ  ۽ سندس جوڳي مدد ڪرڻ  لاءِ اطلاع ڏنو ويندو آهي، جيڪو هڪ ئي وقت سڄي گروپ ۾ شامل جوانن تائن گھر ويٺي پهچي ويندو آهي. پوءِ ته اهي اهڙي ماڻهوءَ جي پنهنجي وت آهر جوڳي مدد ڪرڻ جي لاءِ تيار ٿي ويندا آهن.

اڳ اهڙي قسم جي سهوليت ڳوٺ مان آيل ڪنهن ضرورتمند کي  اسان جو ساڳيو ’پتا مهه‘ ڊاڪٽر محمد حسن پنهنجي گھر ۽ ڪلينڪ ۾ مهيا ڪندو رهندو هو، جنهن لاءِ پڻ ڳوٺ ۾ اها ڳالهه به مشهور آهي ته اسان جي ڳوٺ جو ڪو به اهڙو فرد يا خاندان مشڪل هجي، جنهن ڊاڪٽر محمد حسن جي وسيع دسترخوان مان فيض حاصل نه ڪيو هجي. پر هن کي ته پنهنجا وڏا ڀائر به ڪنهن پاڙي جي ڏيٺ ويٺ وارن ضرورتمندن کي موڪليندا هئا ته هن ڪڏهن به منهن نه گھنجايو. پر حقيقت ۾ اهو هن لاءِ به ان ڪري ممڪن ٿي سگھيو جو سندس گھر واري به سندس ان ڪم ۾ سندس ٻانهن ٻيلي ٿي نه رهي ها. هونئن به چوڻي آهي ته هر ڪامياب مرد جي ڪامياين جو سهرو سندس گھر واريءَ تي به آهي. اميد ته ڌڻي تعاليٰ کين ان جو جوڳو اجر ڏيندو.

گذريل آچر تي تاريخ پنج نومبر 2017ع  مطابق  15 صفرالمظفر 1439 هجري تي  ان ”واٽس ايپ گروپ“ جي پهرين سالگرهه، هتي ڪراچيءَ ڀٽائي آباد جي مقامي هال ۾ ملهائي وئي. ان ۾ نه صرف ڪراچيءَ ۾ رهندڙ ٻلهڙيجي واسين پر اصل ڳوٺ وارن کي به ان ڪاڄ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏئي گھرايو ويو هو، پر ڪجھه هم خيال دوستن کي به شامل ٿيڻ جي لاءِ چيو ويو هو. هن ڪاڄ کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ ٻه سئو کن ماڻهو شامل ٿيا هئا. ان سالگرهه جي موقعي تي اجلاس جون ٻه ويهڪون ٿيون هيون، جن ۾ ’ٻلهڙيجي هائوس‘ جي لاءِ ڪي ڪارائتيون صلاحون ڏيڻ جي لاءِ تقريرن جي ويهڪ ٿيڻي هئي ۽ ٻي ويهڪ راڳ رنگ جي هئي.

هن موقعي تي اول تقريرن ۽ تجويزن جي ويهڪ ساڍي ڇهين وڳي ڌاري شروع  ٿي. جنهن جو اسٽيج سيڪريٽري الطاف پيرزادو هو، جنهن اول مامي رمضان سارئي، ڪامريڊ ٺارو ماڇي، گلاب پيرزادي، قربان پيرزادي ۽ ڊاڪٽر محمد حسن پيرزادي کي ڪوٺي ويهاريو ۽ سڀني اسٽيج تي ويهاريلن کي اجرڪ جي پاکر پهرائي وئي ۽ پڻ ان ڪم ۾ مدد ڪندڙن کي پڻ پاکر ڏني وئي. پوءِ سڀ کان اول پاڻ ’ٻلهڙيجي هائوس‘ ۽ ’واٽس اپ گروپ‘ بابت  آيل مهمانن کي ڄاڻ ڏني  ۽  اهو پڻ ٻڌايو ته اسا ن کي مختيار سومرو پاران هڪ ايمبيولنس ڏيڻ جو پڻ واعدو ڪيو هو، جا اسان کي اميد ته هن سال جي آخر تائين ملي به ويندي. پوءِ امر پيرزادي ان ’ٻلهڙيجي هائوس‘ بابت تجويز اچڻ ۽ ان جي جڙي راس ٿيڻ ۽ آئينده جي لاءِ ڪن رٿيل پروگرامن بابت ٻڌايو. پوءِ فيض پيرزادو، شاهه محمد پيرزادو،مجيب پيرزادو، امتياز پيرزادو ۽ سارنگ پيرزادو ۽ ڊاڪٽر فياض کان سواءِ اسٽيج تي ويٺلن پڻ پنهنجا خيال ونڊيا ۽ پنهنجا تجربا بيان ڪندي جوانن ۽ نوجوانن کي صلاح ڏيندي سندن همٿ افزائي ڪندي کين اهڙي نيڪ ۾ اڳتي وڌڻ لاءِ ڌڻيءَ در دعائون ڪيون ۽ ڪي تجويزون پڻ ڏنيون ۽ هنن جوانن جي ڪم کي ساراهيو ۽ سندن ڪم ۾ ڪنهن به قسم جي مدد يا صلاح بابت پنهنجي پاران پڪ ڏياري. الطاف پيرزادي آخر ۾ اها ڳالهه چئي ته، ”اسان ماهوار ڏهه هزار مسواڙ ٿا ڀريون، پر اسان سڀني آيل مهمانن جي اڳيان جھولي ٿا جھليون، ته اسان جي ان ڏس ۾ مدد ڪئي وڃي ته اسان ان ماهوار مسواڙ کان پاڻ کي بچائي سگھون ۽ ڪو جوڳو گھر حاصل ڪري سگھون.“ ان لاءِ سڀ کان اول اسان جي ڳوٺ جي ’پتا مهه‘ ڊاڪٽر محمد حسن هڪ لک رپيا ڏيڻ جي آڇ ڪئي. اسان پيرزادن کان سواءِ ڪجھه ٻين دوستن کي اسٽيج تي ويهاري سندن اچڻ تي مانُ ڏنو هو، اهي هئا هڪڙو صفدر شاهه سکر وارو ۽ ٻيو دوست هو، ٻلهڙيجي وارن جي لاءِ  ڪاڪي جي حيثيت رکندڙ، ميهون خان سوز بلوچ، جنهن ڏهه هزار رپين جو عطيو اهو چئي ڏيڻ جي آڇ ڪئي ته ،”مان به پاڻ کي ٻلهڙيجيءَ جو فرد سمجھندو آهيان.

ماني کائڻ کان پوءِ راڳ شروع ٿيو. جنهن لاءَ ٿر مان شيفي فقير جي پٽ ۽ صادق فقير جي ڀائٽئي سڪندر فقير کي گھرايو ويو هو. سڀ کان اول صفدر شاهه اڳوڻي  ڊائريڪٽر انفارميشن، حڪومت سنڌ جي پٽ، آفتاب شاهه ٻه غزل ’مرشد گيلانيءَ‘ جا سريلي آواز ۾ ڳائي ٻڌندڙن کي ڪيو،  ۽ ان کان پوءِ سڪندر فقير نيم ڪلاسيڪل راڳ ٻڌائي ويٺلن جي ڪن رس وسيلي سندن رت کي گرمائي ڇڏيو. سون تي سهاڳو تڏهن ٿيو جو سڪندر فقير،  امر پيرزادي جو پڻ هڪڙو غزل ويٺلن کي ٻڌايو. اهڙيءَ طرح اها ’ٻلهڙيجي هائوس‘ ۽ ’ٻلهڙيجي واٽس اپ گروپ‘ جي سالگرهه پڄاڻيءَ تي پهتي. اميد ته وري ايندڙ سال ’ٻلهڙيجي هاؤس ۽ ’ ٻلهڙيجي واٽس اپ گروپ‘ جي سالگرهه ايندڙ سال اڃان به بهتر نموني ملهائڻ جي عزم سان ان جي پڄاڻي ٿي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

کنڀڻ ۽ گم ڪرڻ وارو سلسلو آخر ڪيستائين؟

رحمت علي تنيو سڄي ملڪ ۾ نامعلوم ماڻهن هٿان ماڻهن کي کنڀڻ ۽ کين گم …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے