22 پیر , جنوری 2018

”A“ برابر آهي ”A“ ڳانڍاپو ”A“ برابر نه آهي ”A“

پريم مٿراڻي

تعارف: اڄوڪي مضمون ۾فيصلي جي منطق جي انتهائي بنيادي قانون يعني ”شناخت واري قانون جو مکيه جدلياتي منطق جي مکيه ڪسوٽين جي روشني ۾ جائزو ورتو ويو آهي ته ڪيئن ارسطو (Aristotle) جي مابعدالطبعياتي روايتي منطق، ڪائناتي حقيقتن جو درست رخ پيش ڪرڻ ۾ ناڪام ويو آهي. انجو اثر رياضي ۽ طب تائين محدود نه رهيو آهي بلڪ ڌرتي تي وسندڙ سمورن انسانن جي شعوري اوسر ۾ وڏي ۾ وڏي رڪاوٽ جي صورت پڻ ظاهر ٿيو آهي_ ڪائناتي لقاءُ جڏهن انساني شعور ۾ ويچار جي شڪل اختيار ڪن ٿا تڏهن خارجي ۽ داخلي ڳانڍاپو ٻولي جي شڪل اختيار ڪندي، عام سماجي وهنوار سان گڏ علمي نظام  جو طريقيڪار پڻ قائم ڪري ٿو_ منطق جي شڪل اختيار ڪندڙ دليل (Reason) بيان ۽ فيصلن (Statements & Judgments) جو آڌار ڳولهڻ شروع ڪن ٿا. روايتي منطق سائنسن ۽ رياضي کي اهڙي بند گھٽي ۾ داخل ڪري ڇڏي ٿو جتان نه صرف سائنسون علمي مونجھارن جو شڪار رهن ٿيون بلڪ مونجھاري جي هيٺانهين تي فرضي رياضي جا اهڙا مساواتي پيمانا تيار ڪن ٿيون جن جو حقيقت سان ڪو به تعلق نه هوندو آهي_ نه صرف ايترو بلڪ سائنسون ماڻهن جي شعور ۾ لهي نه سگھنديون آهن_ مثال؛ روايتي منطق جي رڳو هڪڙي شرارت (A=A) جي جيتري به مخالفت ڪجي اوترو گھٽ آهي_ اڄ ڏينهن تائين اها منطق اوائلي درجي کان وٺي اعلى درجن تائين وڏي واڪي پڙهايو ويندو آهي. فيصلن جي ان، هڪ پاسائين مابعدلطبعياتي منطق (Logic of Metaphysical Mono-Judgment) ماڻهن تائين سچي پچي سائنسي سوچ جي نه پهچڻ جو اهم ذريعو بڻجي اڀريو آهي جنهن جو سائنسن تي راڄ، لڳ ڀڳ 2500 سالن کان وڃي قائم آهي. وقت اچي ويو آهي ته هن منطق کي سائنسن مان پاڙان پٽي اڇلائي ڦٽي ڪيون.

مواد ۽ صورت (Content and Form) :  :  ٻه حقيقي ڪرڻا جيڪڏهن هڪ ٻئي جي ابتڙ سڌي ليڪ ۾ سفر ڪري رهيا آهن ته هڪٻئي کي ڪنهن هڪ نقطي (Point) تي ڪٽي (Intersect) سگھن ٿا ۽ جيڪڏهن اُهي ساڳي رخ ۾ سفر ڪري رهيا آهن ته پاڻ ۾ گڏجي (Conjunction) سگهن ٿا_ يعني ٻن ليڪي-ڪرڻن جي ڪنهن هڪ نقطي تي ڪاٽ به، انهن جي ميلاپ جي نتيجي ۾ ئي حاصل ٿي سگھي ٿي انهي شرط سان ته اهي خلا ۾ هڪ ٻئي جي پوروڇوٽ سفر نه ڪري رهيا آهن_ اهڙي حالت ۾، اهي ٻئي ڪرڻا مواد (Content) ۾ ته هڪ ٻئي جي برابر آهن پر خلائي بيهڪ (Spatial Position) جي حوالي سان، صورت (Form) ۾ هڪ ٻئي کان مختلف آهن. انهن ٻنهي ڪرڻن کي جيڪڏهن A سان ظاهر ڪريون ته، روايتي منطق ۾ انهن ٻنهي ڪرڻن جي ڪاٽ A جي برابر ٿيندي ۽ انهن جو ميلاپ به A جي ئي برابر ٿيندو_ يعني جيڪڏهن؛

A برابر آهي A

A ڪاٽ A = A

A ميلاپ A =  A

جڏهن ته حقيقت ۾، سڌي ليڪ ۾ هڪٻئي جي مخالف رخ ۾ سفر ڪندڙ ٻه ڪرڻا، هڪٻئي کي هڪ نقطي تي ئي ڪٽي سگھن ٿا_ انهن جي ڪاٽ مان نقطي بدران، وري به ڪرڻو ڪيئن ٿو حاصل ٿي سگھي؟ ٻئي پاسي هڪٻئي کي ڪٽيندڙ ٻئي ڪرڻا، خلائي بيهڪ جي حوالي سان، بيهڪ واري صورت ۾ هڪ ٻئي کان مختلف آهن تنهن ڪري اُهي پاڻ ۾ برابر نه آهن_ اهڙي حالت ۾ جڏهن A ۽ A پاڻ ۾ برابر نه آهن، روايتي سيٽ جي نظريي مطابق، انهنجي ڪاٽ ”خالي سيٽ“ (Null Set) ئي ٿي سگھي ٿو_ يعني هڪٻئي کي ڪٽيندڙ ٻه ڪرڻا مواد جي پاسي کان ته برابر ٿي سگھن ٿا پر خلا ۾ سفر ڪرڻ واري بيهڪ واري پاسي يعني خلائي شڪل (Form) ۾ هڪ ٻئي جي برابر نه آهن_ پر روايتي منطق جي نظر ۾ A جي  A سان برابري ئي آخري ۽ قطعي فيصلو آهي_ جڏهن ته جدلياتي منطق A جي  A سان برابري ۽ اڻبرابري جي ڳانڍاپي تي فيصلو قائم ڪري ٿي.

هاڻ سوچڻ جي ڳالهه اها آهي ته ڪائنات ۾ اهو ڪهڙو لقاءُ آهي جنهنجو سو سيڪڙو ساڳيو، هم شڪل ۽ هم مواد موجود آهي، جنهن سان ان لقاءُ جي قطعي برابري ڪري سگھجي_ هڪ وڻ ۾ لڳندڙ صوف يقيناً مواد ۾ هڪٻئي برابر آهن پر مختلف وقتن ۾، مختلف ٽارين تي پيدا ٿين ٿا ۽ هڪٻئي کان الڳ شڪل، وزن ۽ مقدار رکن ٿا_ تنهن ڪري اُهي مواد ۾ هڪٻئي جي برابر آهن پر صورت ۾ هڪٻئي جي برابر نه آهن_ سمورا جيو (Organism) گھرڙن (Cell) جا ٺهيل آهن پر شڪل ۾ هڪڙا جانور آهن ته ٻيا انسان آهن_ ساڳي ريت سموارا انسان هڪٻئي بي برابر آهن ۽ نه به آهن؛ ڇاڪاڻ ته هڪڙا نر (Male) آهن ته ٻيا مادي (Female) آهن_  سمورا نر انسان مواد (Life Content) ۾ ته ساڳيا آهن پر شڪل ۾ هڪٻئي کان مختلف آهن.

ساڳي طرح شيون صورت ۾ برابر ۽ مواد ۾ مختلف ٿي سگھن ٿيون_ جيئن ٻه ڪتاب صورت ۾ ته ساڳيا، پر مواد ۾ مختلف ٿي سگھن ٿا_ هڪ پاسائين فيصلي واري روايتي مابعدالطبعياتي منطق (Mono- Formal Judgment)، A فيصلي جي ”مواد ۽ صورت“ وارن متضاد پاسن ۾ فرق محسوس نه ڪري سگھندو آهي ۽ لقائن جي هڪ پاسائين حقيقت جي بنياد تي  جي  سان برابري وارو فيصلو قائم ڪندو آهي. جدلياتي گھڻ پاسائين فيصلي (Poly- Dialectical Judgment) مطابق  A ۽ A هڪ ٻئي جي برابر آهن ۽ نه به آهن_ اهڙي ريت ابتڙن جو ميلاپ ئي انهن جي ڪاٽ آهي ۽ فيصلن جي معروضي ڪاٽ، انهن جي موضوعي ڳانڍاپي جو اولڙو (Image) آهي_ يعني:

مواد(A برابر آهيA ) ڳانڍاپو (A برابر نه آهي A )صورت

مقدار ۽ معيار (Quantity and Quality) :

مقدار (Quantity)، لاڳاپيل معيار (Quality) کان سواءِ ڪابه معني نٿو رکي_ مقدار ۽ معيار جي ڳانڍاپي جي روشنيءَ ۾، فيصلي جي گھڻ پاسائين جدلياتي منطق جوڙي سگھجي ٿو. مثال:  جيڪڏهن 2 برابر آهي 2 جي ته ساڳي وقت 2، 2 جي برابر نه به آهي_ اهو ايئن ته 2 ۽ 2 پاڻ ۾ مقداري حيثيت ۾ ته برابر آهن پر رڳو 2=2 ڪا به معني نٿو ڏيکاري جيستائين اهو مقدار ڪنهن معيار کي ظاهر نٿو ڪري_ ڇاڪاڻ ته ڪائنات ۾ مقدار جو انفرادي وجود ممڪن نه آهي_ اهڙي ريت اهو مقدار پنهنجي لاڳاپيل معيار سان ڳنڍجندي ئي، مقداري اڻبرابري کي ظاهر ڪرڻ لڳندو آهي_ مثال: هائيڊروجن گيس جا ٻه ايٽم (2H) ۽ آڪسيجن گيس جي هڪ ايٽم جو جوڙ (Bond) پاڻي جو هڪ ماليڪيول (Molecule) ٺاهي ٿو_ يعني:

2H + O = H2O

اسان ڏسي سگھون ٿا ته پاڻي جي ٺهڻ جي مساوات جي ٻنهي، ساڄي ۽ کاٻي پاسن تي مقداري برابري آهي يعني هائيڊروجن جا 2 ايٽم آهن ۽ جيوڻي گيس (آڪسيجن) جو هڪ ايٽم آهي_ اها يقيناً مقداري برابري آهي_ پر ساڳي وقت هن مساوات جي ٻنهي پاسن تي معياري اڻبرابري پڻ نظر اچي ٿي يعني مساوات جي هڪ پاسي تي گيسون (Gases) آهن ۽ ٻئي پاسي تي پاڻياٺ (Liquid) آهي_ اهڙي ريت اسان ڏسون ٿا ته مٿي ڏنل ڪيميائي مساوات ۾ مقدارن جي معياري تبديلي، مقداري برابري ۽ معياري اڻبرابري جو ڳانڍاپو بڻجي وڃي ٿي_ ساڳي ريت معياري برابري مقداري اڻبرابري ۾ پڻ منتقل ٿي سگھي ٿي_ ٻنهي صورتن ۾ مابعدالطبعياتي روايتي- هڪ پاسائين فيصلي وارو منطق حقيقت جو رڳو هڪ پاسو ڏسي ٿو ۽ ٻي پاسي کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿو.

مقدار (2H + O = H2O) ڳانڍاپو (گيس + گيس برابر نه آهي پاڻي) معيار

مقدار(A برابر آهيA ) ڳانڍاپو (A برابر نه آهي A ) معيار

”برابري ۽ اڻبرابري“ (Equality and Inequality)، ”ثابتي ۽ اڻ ثابتي“ (Proof and Disproof) :

روايتي منطق جي ”شناخت واري قانون“ (Law of Identity) مطابق ”A = A“، قطعي (Absolute) ۽ ثابت ٿيل فيصلو (Proved Judgment) آهي ۽ انکانپوءِ ٻئي ڪنهن منطق جي ضرورت نه آهي_ هن وٽ اڻ ثابتي (Disproof) جي ڪا به حيثيت نه آهي_ ان وٽ فيصلا يا ته ثابت ٿين ٿا يا فيصلا ثابت نٿا ٿين_ مقداري برابري جي ثابتي لاءِ، روايتي منطق ساڄي ۽ کاٻي پاسن تي انگن جو خيالي مڪان (Numeral Ideal Space) پيدا ڪري ٿو جتي انهن جي برابري کي مقداري برابري ڏيکارڻ ذريعي فيصلا ثابت ڪيا وڃن ٿا_ اهڙي ريت مابعدالطبعياتي روايتي- هڪ پاسائين فيصلي واري منطق، حقيقت جو هڪڙو برابري وارو پاسو ڏسي ٿو ۽ انجي ٻئي اڻبرابري واري پاسي کي نظرانداز ڪري ڇڏي ٿي_ شناخت واري قانون مطابق فيصلي جي قطعي برابري معلوم ڪري سگھجي ٿي جيڪا انجي ثابتي پڻ هجي ٿي جڏهن ته انجي نسبتي اڻبرابري (Relative Inequality) وارو پاسو نظرانداز ٿيل آهي.

مثال: مٿي پيش ڪيل پاڻي جي مساوات جي ٻنهي پاسن تي ايٽمن جي تعداد جي برابري، مساوات جي ٻئي پاسي ٿيندڙ معياري تبديليءَ کي ڪيئن ٿي ثابت ڪري سگھي؟ يعني گيسن جي صورت ۾ جڙندڙ هائيڊروجن جا 2 ايٽم ۽ جيوڻي گيس جو 1 ايٽم، مساوات جي ٻئي پاسي تي به پاڻي جي هڪڙي ماليڪيول (Molecule) ۾، هائيڊروجن ۽ جيوڻي گيس جي ايٽمن جوساڳيو مقداري تناسب ثابت ڪن ٿا پر روايتي منطق جو ”شناخت وارو قانون، گيسن جي پاڻياٺ ۾ منتقلي واري مقداري-معياري عمل تي، مقداري  برابري ذريعي ثابت (Prove) ڪرڻ جي قابل نه آهي ۽ اهو مابعدالطبعياتي منطق، مقداري ثابتي (Quantitative Proof) ۽ معياري اڻثابتي (Qualitative Disproof) جي ڳانڍاپي کي منطقي فيصلي جي شڪل ڏيڻ ۾ ناڪام وڃي ٿو.

روايتي مابعدالطبعياتي منطق جو اهڙو رويو سائنسن ۾ بدستور قائم آهي. جنهن ۾ خاص طرح طب ۽ رياضي (Mathematics & Physics) ۾ سمورن ڪائناتي لقائن کي مقداري پيمائي تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ۾ اهڙيون مساواتون عمل ۾ اچن ٿيون جن ۾ لقائن جي وجود ۾ حرڪي (Kinetic)، مسلسل (Continuous)، مقداري (Quantity)، برابري (Equality) ۽ قطعي (Absolute) وغيره وارن پاسن کي، انهن جي مخفي (Potential)، مبهم (Discrete)، اڻبرابري (Inequality) ۽ نسبتي (Relative) وغيره وارن پاسن کان الڳ ۽ لاتعلق ڪري پيش ڪيو وڃي ٿو.

جڏهن ته جدلياتي منطق وٽ فيصلي جي ثابتي، ساڳي وقت اڻثابتي سان ڳنڍيل رهي ٿي_ يعني جيڪڏهن A جو A سان برابر هجڻ، فيصلي جي ”ثابتي واري پاسي“ کي پيش ڪري ٿو ته A جي A سان اڻبرابري واري حالت (جيئن اسان مٿي مثالن ۾ ٻڌائي آيا آهيون) يقيناً فيصلي جي اڻثابتي واري پاسي کي پيش ڪري ٿو_ اهڙي ريت فيصلي جي ثابتي ۽ اڻثابتي وارو ڳانڍاپو، حقيقت جي گھڻ پاسائين ابتڙن جي ميلاپ جو جدلياتي منطقي اظهار آهي_

ثابتي(A برابر آهيA ) ڳانڍاپو (A برابر نه آهي A )اڻثابتي

حرڪي ۽ مخفي (Kinetic and Potential):

حرڪي(A برابر آهيA ) ڳانڍاپو (A برابر نه آهي A )مخفي

مبهم ۽ مسلسل (Continuous and Discrete):

مسلسل(A برابر آهيA ) ڳانڍاپو (A برابر نه آهي A )مبهم

قطعي ۽ نسبتي (Absolute and Relative):

قطعي(A برابر آهيA ) ڳانڍاپو (A برابر نه آهي A )نسبتي

انهن فيصلن جي جدلياتي منطق کي ايندڙ مضمونن ۾ سمجھڻ جي ڪوشش ڪنداسين.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

آخر ڇا ٿيندو؟

حافظ سڪندر تنيو ڪجهه ڏينهن کان اخبارن ۽سوشل ميڊيا تي تي سنڌ ۾بدامني جي راڪاس …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے