18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

ڪراچي جون ڪچيون آباديون جتي هزارين ٻار ساليانو نمونيا سبب موت جي وَر چڙهي وڃن ٿا!

همسفر گاڏهي

زندگي برابر ٽڙندڙ هڪ گُل جيان آهي ۽ اُن جي مرجهائجي وڃڻ تي صدمو پهچڻ لازمي اَمر آهي. ايئن وري ٻار زندگيءَ جو اُهڃاڻ هجن ٿا، انهن جي ڪنهن گهر ۾ ڄمڻ سان نه رڳو اُتي گلاب جا گُل ٽڙي پوندا آهن پر انهن جي سُرهاڻ، سماج توڙي ڪائنات کي واسي ڇڏيندي آهي. ٻار ڪائنات لاءِ سُک، سُرهاڻ ۽ اُميد مثل هجن ٿا، اُهي ڀل ڪائنات جي ڪنهن به ڪُنڊ ۾ اَکيون کولين، هر پاسي خوشين جا شادمانا ۽ ترانا وڄي ويندا آهن پر جي ڪا ڪَلي ڪنهن سبب جي ڪري مرجهائجي وڃي ته ڪُل ڪائنات اُداسي جو شڪار ٿي ويندي آهي.

سُڌريل دنيا ۾ ته ٻارڙن جي ڄمندي ئي گُلن جيان سار سنڀال ڪئي ويندي آهي، فلاحي رياستون ڪنهن سُٺي مالهيءَ وانگر سندن صحت، کاڌ خوراڪ ۽ ٻين ضرورتن جو خيال رکنديون آهن پر بدقسمتيءَ سان ايشيائي ملڪن ۾ ٻار پئدا ڪرڻ تي ته زور گهڻو هوندو آهي پر سندن سار سنڀال، صحت، کاڌ خوراڪ، تعليم ۽ ٻين ضرورتن کي بنهه ليکي ۾ ئي ناهي آندو ويندو. ايشيائي ملڪن ۾ وري پاڪستان، ڀارت ۽ بنگلاديش جي ان حوالي سان صورتحال انتهائي خراب آهي.

پاڪستان ۾ وري خاص طور تي سنڌ جو صحت توڙي تعليم جي لحاظ کان ٻيڙو ٻڏل آهي. اهو ان ڪارڻ جو هتي هڪ ته غربت وڌيڪ آهي، روزگار جا ذريعا محدود، خراب حڪمراني سبب، صحت، پيئڻ جي صاف پاڻي، پاڻي جي کوٽ سبب زراعت جي تباهه حالي، تعليم جو فقدان آهي، جنهن سبب سنڌ جون ٻهراڙين ۽ وڏن شهرن خاص طور سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۽ حيدرآباد جي ڪچين آبادين ۾ صحت جي حوالي سان ڀيانڪ صورتحال نظر اچي ٿي. ان ۾ وري پنجن سالن تائين معصوم ٻارڙن ۾ صحت جي درست سار سنڀال نه ٿيڻ، وقت سر ٽُڪا نه هڻائڻ، صفائي سٿرائي نه هجڻ، مائرن طرفان ٿڃ جو کير نه پيارڻ، غذائي کوٽ، صاف پاڻي نه هجڻ سبب اُرڙي، دست ۽ نمونيا جهڙيون خطرناڪ بيماريون منهن ڪڍن ٿيون، جنهن ۾  ملڪ اندر لکين ٻار ۽ سنڌ ۾ ساليانو هزارين ٻار موت جو بَک بڻجي وڃن ٿا.

سنڌ جا ٻه وڏا شهر ڪراچي ۽ حيدرآباد جن کي پاڪستان اندر سڌريل ۽ ترقي يافته شهرن ۾ ڳڻيو ويندو آهي پر انهن جي اندر سهولتن کان بنهه وانجهيل، گند جي ڍير تي ويٺل ۽ گدلاڻ جو شڪار ڪچين آبادين جو انگ ڏسي ڏندين آڱريون اچيو ٿيون وڃن. انگن اکرن موجب 1317 ڪچيون آباديون ذڪر ڪيل ميگا شهرن ۾ موجود آهن. ڪراچي جي ملير ۽ اولهه ضلعي ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪچيون آباديون آهن جتي ڪُل آباديءَ جو 22 سيڪڙو ڪچيون آباديون آهن. ڪراچي جي 986 ڪچين آبادين جي آبادي تقريبن 69 لک آهي، جن ۾ 11 مهينن جي ٻارن جو تعداد 0.22 ملين، 5 ورهين کان گهٽ عمر وارن ٻارڙن جو انگ 1.17 ملين ۽ ننڍڙن ٻارڙن جي مائرن جو تعداد 15 لک کان مٿي آهي، نه وسارڻ کپي ته سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي جي ڪچين آبادين جي لڳ ڀڳ 50 سيڪڙو آبادي جتي زندگي جي بنيادي سهولتن کان وانجهيل آهي، اُتي کين صحت جون سهولتون پڻ اڻلڀ آهن. اهڙين آبادين ۾ نه ته ڪي بنيادي صحت مرڪز آهن نه وري ويم گهر ۽ نه ڪي سٺيون اسپتالون، ان ڪري اُتي ڄمندڙ ٻار ڪيترين ئي بيمارين جي بچاءُ کان ڄم کان پوءِ ترت لڳندڙ حفاظتي ٽُڪن کان محروم رهجي وڃن ٿا، نتيجي ۾ اڳتي هلي اُهي ٻار ٽي بي، پوليو، نمونيا، پيچش ۽ ٻين مختلف موتمار بيمارين جو شڪار ٿي وڃن ٿا، جڏهن ته غذائي کوٽ ۽ بيمارين جي مزاحمت جي جسم ۾ سگهه نه هجڻ سبب اهي زندگي جي جنگ هارائي وڃن ٿا، جنهن جي ذميواري جيتوڻيڪ حڪومت تي اچي ٿي پر سنڌ حڪومت جا لاڳاپيل ادارا ان حوالي سان فعال ڪردار ادا ڪرڻ کان قاصر آهن.

ساڳي وقت ٻارن جي ايئن موت جو کاڄ ٿيڻ جي ذميواري کان والدين کي به آجو قرار نٿو ڏئي سگهجي جو اُهي ٻارن کي ڄمڻ کان ترت پوءِ لڳندڙ ٽڪن هڻائڻ ۾ ذميواري جي احساس کان وانجهيل آهن، اُهي جيڪڏهن ذميواريءَ سان معصوم گلن جهڙن ٻارن کي وقت سر مختلف بيمارين کان بچاءُ جا ٽُڪا هڻائن ته هوند سندن قيمتي زندگيون بچي سگهن ٿيون.

هاڻي پاڻ اچون ٿا ڪراچي جي ڪچين آبادين تي، ڏسون ته اُتي نمونيا، دست ۽ ٻين بيمارين جي حوالي سان صحت جي سهولتن جي ڇا صورتحال آهي؟

هي آهي ڪراچي ضلعي اولهه جي سڀ کان وڏي ڪچي آبادي مڇر ڪالوني، جيڪا آءِ سي آءِ پُل ويجهو فشريز سان لڳو لڳ سمنڊ ڪناري ماڙيپور روڊ تي آباد آهي. هن ڪالوني جي آبادي 10 لک کَن ٿيندي، هتي برمي ۽ بنگالي وڏي انگ ۾ آباد آهن. هتي فشريز ويجهو هئڻ سبب هر پاسي مڇيءَ جي بدبوءِ ڦهليل آهي، ڪو به ماڻهو هتان نڪ تي ڪپڙو رکڻ کانسواءِ نٿو لنگهي سگهي. پر مقامي طور تي هتي رهندڙ ماڻهن کي اهڙي بوءِ بنهه محسوس نٿي ٿئي ڇو ته اهي اُن جا عادي ٿي ويا آهن. هتي مون ڪيترن ئي معصوم ٻارن کي، مائرن سان گڏ جهينگا مڇي صاف ڪندي ڏٺو، ڪيتريون ئي مائرون پنهنجا معصوم ٻار ڪڇ تي کڻي اچي جهينگا صاف ڪرڻ واري مزدوري ڪن ٿيون ۽ سندن ٻار انتهائي گندي ماحول ۾ پيا راند روند ڪندا آهن. اهڙي ئي هڪ 40 ساله بنگالي عورت زينت جهان ٻڌايو ته هوءَ پنهنجي ڪٽنب سميت گذريل ويهن سالن کان مڇر ڪالوني ۾ آباد آهي، سندن مرد ماڻهو مڇي مارڻ ۽ کپائڻ جو ڪم ڪن ٿا ۽ عورتون جهينگا صاف ڪري پيٽ گذارو ڪن ٿيون. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سندس ٻه ٻار نمونيا جي بيماري ۽ پيچش سبب موت جي منهن ۾ وڃي چڪا آهن، جن جو علاج مقامي سطح تي ته ڪرايو ويو پر سرڪاري سطح تي سندن ڪا به سار نه لڌي وئي.

هڪ ٻئي پورهيت امين الله ٻڌايو ته سندن علائقي مڇر ڪالونيءَ ۾ صحت جون سهولتون بنهه نه آهن، ڪمپائونڊر اسپتالون کولي ويٺا آهن، هتي نه ته ڪڏهن بيمارين کان بچاءُ جا حفاظتي ٽُڪا ٻارن کي هنيا وڃن ٿا نه وري پوليو جا ڦڙا پياريا وڃن ٿا. ان ڪري هتي معصوم ٻار بيمارين سبب مرندا ئي رهندا آهن. جڏهن ته پيئڻ جو صاف پاڻي به اڻلڀ آهي، ان ڪري ٽئنڪر وسيلي گدلو پاڻي واپرايو وڃي ٿو.

ان سلسلي ۾ ماهر جنرل فزيشن ڊاڪٽر ارشاد ميمڻ جو چوڻ هو ته نمونيا دراصل ڦڦڙن جي بيماري آهي، جيڪا ٿيڻ سبب ساهه کڻڻ ۾ گهڻي تڪليف ٿيندي آهي. نمونيا ۾ کنگهه، زڪام، ساهه کڻڻ ۾ تڪليف، تيزي سان ساهه کڻڻ، ٻارن ۾ نمونيا ٿيڻ جي صورت ۾ اهي کائڻ پيئڻ به ڇڏي ڏيندا آهن ۽ بيهوش ٿي ويندا آهن، جنهن ڪري اهڙا ٻار اڪثر ڪري موت جو شڪار پڻ ٿي ويندا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته نمونيا گهڻو ڪري 5 سالن تائين جي معصوم ٻارن ۾ تيزي سان ٿيندي آهي ۽ سنڌ ۾ ساليانو نمونيا ۽ پيچش سبب مري ويندڙ ٻارن جو انگ هزارن ۾ آهي. هن هڪ سوال جي جواب ۾ ٻڌايو ته نمونيا دراصل صاف ماحول نه هجڻ، ماحولياتي گدلاڻ، غذائي کوٽ، ڄم کانپوءِ بيمارين جا حفاظتي ٽُڪا نه هڻائڻ، ماءُ جي ٿڃ جو کير نه پيارڻ سبب به ٿي پوندي آهي. مڇر ڪالوني توڙي اهڙيون ٻيون ڪچيون آباديون نمونيا ۽ پيچش جهڙين بيمارين جون نرسريون آهن، اتي صحت کاتي کي وڌيڪ فوڪس هجڻ گهرجي.

انگن اکرن مطابق دنيا ۾ ساليانو 15 لک ٻار نمونيا ۽ دستن سبب موت جو کاڄ ٿي وڃن ٿا. عجب ڳالهه اِها آهي ته پاڪستان ايٽمي ملڪ آهي هتي ترقيءَ جون وڏيون دعوائون ڪيون وڃن ٿيون، کير ۽ ماکيءَ جون نديون وهائڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي پر جڏهن حقيقتن کي اڳيان رکجي ٿو ته ڪنڌ شرم کان جهڪي وڃي ٿو.

ساک رکندڙ عالمي ادارن يونيسيف ۽ WHO جي رپورٽن موجب 2017ع ۾ جن ملڪن نمونيا ۽ دستن جي بيماري سبب مرندڙ ٻارن جي انگ ۾ واضح گهٽتائي آندي انهن ۾ ايٿوپيا 42 سيڪڙو، بنگلاديش 55 سيڪڙو، تنزانيه 59 سيڪڙو، سوڊان 53 سيڪڙو، نائيجيريا 43 سيڪڙو، ڀارت 38 سيڪڙو، افغانستان 32 سيڪڙو، انڊونيشيا 31 سيڪڙو، انگولا 30 سيڪڙو، چين 32 سيڪڙو، جڏهن ته پاڪستان ان سلسلي ۾ سڀني کان پوئتي پيل ملڪ قرار ڏنو ويو آهي، جنهن جي ڪارڪردگي 28 سيڪڙو مس آهي، جڏهن ته چاڊ 16 سيڪڙو ۽ صوماليه جي ڪارڪردگي 13 سيڪڙو آهي. مطلب ته پياري پاڪستان ۾ صحت جي ناقص سهولتن جو جهڙو حال آهي ته هر سال اڃا به لکين ٻارڙا نمونيا ۽ ٻين موتمار بيمارين سبب موت جو کاڄ بڻجندا ئي رهندا.

نمونيا سبب هڪ ٻي رپورٽ موجب دنيا ۾ 2015ع ۾ پنجن سالن جي عمر جا ٻار 920،000 (نو لک ويهه هزار) موت جي منهن ۾ هليا ويا، جنهن جي معنيٰ اها ٿي ٿئي ته اڍائي هزار ٻار هڪ ڏينهن ۾ مري ٿا وڃن. واضح رهي ته سال 2000ع ۾ نمونيا سبب عالمي سطح تي سڄي دنيا ۾ معصوم ٻارن جي مرڻ جو ساليانو انگ 17 لک هو جيڪو 2015ع تائين گهٽجي وڃي 9- لک 20 هزارن تي بيٺو آهي.

ڪراچي ضلعي اولهه جون ڪجهه ٻيون ڪچيون آباديون، جتي ماحولياتي گدلاڻ، صنعتي گند ڪچري، صحت جي سهولتن جي فقدان، صفائي سٿرائي ۽ صاف پاڻي جي دستيابي نه هجڻ سبب نمونيا ۽ دستن جي شرح چوٽ تي آهي. اهڙين آبادين ۾ مواڇ ڳوٺ جو ڪڇي پاڙو، ميانوالي پاڙو، ڪاڇيلا ڳوٺ، قاسم شاهه ڪالوني، بلوچ پاڙو، سڄڻ ڳوٺ، سائيٽ ايريا، ليبر اسڪوائر، شير شاهه پنکا هوٽل، جهان آباد جا علائقا شامل آهن.

مواڇ ڳوٺ يونين ڪائونسل گابو پٽ جي ناظم رهندڙ جاويد سمون ملاقات دوران ٻڌايو ته اُهي ڪچيون آباديون ڪراچي شهر ۾ هوندي به ميٽروپوليٽن سهولتن کان محروم آهن، ڪياماڙي ٽائون جو حصو آهيون باوجود ان جي ڪي ايم سي طرفان ڪي به سهولتون مهيا نٿيون ڪيون وڃن. صحت، صفائي ۽ صاف پاڻي جو هر وقت بحران رهي ٿو، جنهن ڪارڻ بيماريون اڻٽر آهن. هن ٻڌايو ته هتي سال ۾ هڪ ڀيرو به مڇرن جو اسپري مشڪل سان ٿيندو آهي جنهن ڪري مليريا، ڊينگي ۽ ٻيون بيماريون به هتي عام جام آهن. ڪڇي پاڙي جي رهواسي حاجي صالح ڀٽي ٻڌايو ته مواڇ ڳوٺ ۾ سرڪاري صحت مرڪز ۾ نالي ماتر سهولتون آهن، عملو به اڌو گابرو حاضر رهي ٿو. ان ڪري معصوم ٻارن کي بيمارين کان بچاءُ جا وقت سر ٽُڪا نٿا لڳن ان ڪري به ٻار اڪثر بيمار ٿين ٿا. هن ڪيترن ئي معصوم ٻارن جي نمونيا، دستن، الٽين ۽ اُرڙي ۾ مرڻ جو پڻ انڪشاف ڪيو. هن اهو پڻ چيو ته مواڇ ڳوٺ جي آس پاس غير قانوني طور قائم صنعتن سبب دونهين ۽ گدلاڻ سبب ماڻهن ۾ ساهه جون بيماريون وڌي ويون آهن جن خلاف پڻ قدم کڻڻ جي ضرورت آهي.

ٻئي طرف نمونيا، اُرڙي ۽ دستن جهڙين موتمار بيمارين ۽ ان ڪارڻ ٻارڙن جي موت جي منهن ۾ هلئي وڃڻ بابت سنڌ جي صحت کاتي ۽ وفاقي حڪومت طرفان بچاءَ لاءِ اُپاءُ وٺڻ ۾ ڪوتاهي جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي جي ميمبر عمران ظفر لغاري سان رابطو ڪيو ويو تڏهن هن جو چوڻ هو ته کيس ان سلسلي ۾ ڪا شڪايت نه ملي آهي، توهان نشاندهي ڪئي آهي، آءٌ جلد سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اختيارين سان لکپڙهه ڪندس ته سڄي سنڌ ۾ اهڙين بيمارين کان بچاءُ لاءِ اڳواٽ اُپاءُ ورتا وڃن.

ماهرن جو چوڻ آهي ته پنجن ورهين کان ننڍي عمر جي ٻارن ۾ غذائي قلت ۽ جسماني طرح ڪمزور هجڻ جو هڪ وڏو سبب مائرن طرفان ٻارن کي ٿڃ نه پيارڻ آهي، جنهن ڪري اُهي ٻار اڳتي هلي نمونيا ۽ ٻين خطرناڪ بيمارين جو شڪار ٿي وڃن ٿا.

ان سلسلي ۾ سماجيات جي ماهر ۽ اسڪالر ڊاڪٽر غزالا پنهور جو چوڻ آهي ته ماضي ۾ جيتوڻيڪ مائرون گهٽ پڙهيل لکيل هيون ۽ ڳوٺاڻيون هيون پر اُهي ٻارن کي ٿڃ پيارينديون هيون جنهن سبب ٻارن جي قوت مدافعت ٺيڪ رهندي هئي، نمونيا توڙي ٻيون بيماريون مٿن فوري طور اثرانداز نه ٿينديون هيون پر هاڻي پڙهيل لکيل معاشرو هجڻ باوجود مائرون فيشن سبب ٿڃ نٿيون پيارين، جنهن ڪري ٻارن جي موت ۾ واڌ آئي آهي. هن ٻڌايو ته ڪچين آبادين ۾ به عورتون، پڙهيل لکيل عورتن کي ڏسي ڏيکاءُ خاطر ٿڃ پيارڻ کان پرهيز ڪن ٿيون، جنهن جا نتيجا پڻ ٻارن جي موت جي صورت ۾ ڀيانڪ نڪرن ٿا.

ياد رهي ته دنيا جا اهي 15 ملڪ جتي نمونيا ۽ دستن سبب پنجن سالن کان گهٽ عمر وارن ٻارن جو وڏو تعداد موت جو کاڄ ٿي وڃي ٿو، انهن ملڪن ۾ پاڪستان ٽئين نمبر تي آهي، جڏهن ته ان حوالي سان ٻين خطرناڪ قرار ڏنل ملڪن ۾ ڀارت، نائيجيريا، ڪانگو، انگولا، ايٿوپيا، انڊونيشيا، چاڊ، افغانستان، نائيجيريا، چين، سوڊان، بنگلاديش، صوماليا ۽ تنزانيه شامل آهن.

نمونيا جهڙي موتمار بيماريءَ کي منهن ڏيڻ ۽ ضابطي هيٺ آڻڻ لاءِ ضروري آهي ته سنڌ حڪومت ۽ صحت کاتي جي اختيارين کي ان حوالي سان اثرائتا قدم کڻڻا پوندا. خاص طور تي نمونيا جي Haemophilus influenza type b (H I B) خلاف ٻارن کي حفاظتي ٽُڪا هڻڻ، ماڻهن کي پيئڻ جو صاف پاڻي ۽ صاف سٿرو ماحول ۽ نڪاسي مهيا ڪرڻ، گدلاڻ ۽ آلودگي کي روڪڻ، ڇو ته سڄي دنيا ۾ 50 سيڪڙو کان مٿي نمونيا پنجن سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن ۾ گدلاڻ سبب ٿئي ٿي، جن مان اڪثريت اڳتي هلي موت جي منهن ۾ هلي وڃي ٿي.

حڪومت کي گهرجي ته ڪراچي، حيدرآباد جي ڪچين آبادين کي ان سلسلي ۾ گهربل سهولتون مهيا ڪري جيئن ذڪر ڪيل موتمار بيمارين کان معصوم ٻارن کي بچائي سگهجي. ساڳي وقت والدين کي به پنهنجي گلن جهڙن ٻارڙن جون زندگيون موت جي راڪاس کان بچائڻ لاءِ جوڳا اُپاءَ وٺڻ گهرجن. شعور، حوصلو ۽ همت هجي ته موت کي شڪست ڏئي سگهجي ٿي.

 

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے