21 اتوار , جنوری 2018

پريس ڪانفرنس ۾ مصطفيٰ ڪمال غير مناسب ڳالهيون ڪيون: رئوف صديقي

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ايم ڪيو ايم اڳواڻ رئوف صديقي چيو آهي ته ميڊيا تي نشر ٿيندڙ معاهدو حقيقي آهي، معاهدي ۾ واضح هو ته ٻئي پارٽيون پنهنجي سڃاڻپ برقرار رکنديون، سياسي اتحاد جي ڳالهه ڪئي وئي هئي. خانگي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي رئوف صديقي چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ مصطفيٰ ڪمال غير مناسب ڳالهيون ڪيون، ايم ڪيو ايم ختم ٿيڻ واري ڳالهه تي سخت رد عمل سامهون آيو. سندس چوڻ هو ته خرابين جي درستي لاءِ سڀني جي هڪ ٿيڻ جي ڳالهه ڪئي هئي، خواهش هئي ته سنڌ جي شهري علائقن جو مينڊيٽ ڪو ٻيو نه کڻي وڃي، ڪراچي ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي آهي. رئوف صديقي چيو ته شهر جي امن لاءِ الزامن جي سياست کي پري ڪرڻو پوندو.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

انگلش ٽيم آسٽريليا کي ٽين ون ڊي ميچ ۾ به شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

سڊني (اسپورٽس نيوز) انگلينڊ ٽين ون ڊي ميچ ۾ به آسٽريليا کي 16 رنسن تان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے