18 اڱارو , سيپٽمبر 2018

اسرائيلي ڪمپني جو ”ايپل“ تي ٽيڪنالاجي چورائڻ جو الزام

ڪيليفورنيا (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي ڪمپني آمريڪا جي مشهور ڪمپني ”ايپل“ تي ان جي ڪئميرا ٽيڪنالاجي چوري ڪرڻ جو الزام لڳائيندي ڏنڊ جي دعويٰ داخل ڪرائي آهي. رپورٽن موجب اسرائيل جي موبائيل ۽ ڪئميرا ٽيڪنالاجي جي هڪ ڪمپني ڪورفيوٽونڪس الزام لڳايو آهي ته آمريڪي ڪمپني ”ايپل“ اسان جي ڊبل ڪئميرا ٽيڪنالاجي جي 4 پيٽنٽ جو استعمال ڪيو آهي، جيڪو انتهائي غير قانوني قدم آهي، جڏهن ته ڪمپني ”ايپل“ خلاف ڪيليفورنيا جي عدالت سان رابطو ڪندي ڏنڊ جي دعويٰ به داخل ڪئي آهي. عدالت ۾ جمع ڪرايل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ”ايپل“ پنهنجي آءِ فون ماڊل 7 پلس ۽ 8 پلس ۾ اسان جي ٺاهيل ٽيلي فوٽو لينس ڊيزائن، اوپٽيڪل زوم ۽ تصوير جو معيار بهتر ٺاهڻ واري ٽيڪنالاجي کي ڪاپي ڪيو آهي. هوڏانهن ايپل ڪمپني ان معاملي تي ڪو به رد عمل سامهون ناهي آندو. واضح رهي ته اسرائيلي ڪمپني 2016ع ۾ پهريون ڀيرو موبائيل ۾ ڊبل ڪئميرا ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي هئي.27

هي به ڏسي سگهو ٿا

ليڪس ڪمپني پاران ڊيجيٽل سائيڊ مرر واري پهرين ڪار متعارف ڪرائڻ جو اعلان

جاپان ( ويب ڊيسڪ ) جيتوڻيڪ ڪارن جي پاسن ۾ لڳل منهن ڏيکاريندڙ آئينن( بيڪ …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے