19 اربع , سيپٽمبر 2018

پنهنجو پاڻُ سڃاڻڻ کان پوءِ ..

رکيل مورائي

چيو ويو آهي ته تصوف ابن عربي ۽ امام غزاليءَ کان پوءِ وجود ۾ آيو، ڪن جو چوڻ آهي ته تصوف اسلام جو اهو فڪر آهي جيڪو ظاهري ڏيکاءَ کان بغاوت جي حوالي ۾ يا رد عمل ۾ وجود ۾ آيو، ڪيئن به آهي ان جي اهم سڃاڻپ ”پاڻ سڃاڻڻ“ آهي، جنهن جو بنياد ”وحدانيت“ آهي. يعني خدا هڪ آهي ۽ اهو دعويٰ ڪندڙ پهريون شخص سامي مذهبن وارا حضرت ابراهيم عليه السلام کي ڄاڻائين ٿا.

اڄ تائين ايندي ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري فلسفي ڪيتريون ئي شڪليون مٽايون آهن، ان عرب کان فارس ۽ اتان کان پوءِ ننڍي کنڊ ۾ پنهنجو اثر زوردار نموني ڇڏيو آهي. پڪ سان هن کنڊ ۾ سنڌي قوم به آهي جنهن انهيءَ فلسفي جا اثر ورتا هوندا يا ورتا آهن.

تاريخ ڪجهه ٻيو به ٻڌائي ٿي جنهن جو ذڪر ڪنهن ٻئي ڀيري ڪبو پر اڄ تائين ايندي مجموعي طور سنڌي پنهنجي مزاج ۾ تاريخ جي ڪنهن به دور ۾ شدت پسند نه رهيو آهي، هن ۾ شدت فقط تڏهن آئي آهي جڏهن هن جي حب الوطني متاثر ٿي آهي، هو ڪنهن به دور ۾ پنهنجي وطن دوستيءَ تان هٿ کڻڻ لاءِ تيار نه ٿيو آهي، ياد رکڻ جهڙي ڳالهه هيءَ آهي ته سندس اها وطن دوستي ايتري ڪشادي رهي آهي جنهن جو مثال شاهه سائين جا هي لفظ آهن:

دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين!.

پڪ سان سمجهڻ گهرجي ته اهو ڀٽائي جو نجو شعور نه آهي اهو سنڌي ماڻهوءَ جو مزاج، نفسيات ۽ گڏيل شعور آهي، جنهن جو اظهار ڀٽائي جي ان سٽ ۾ سنڌ جي تاريخي عمل مان گذري پوءِ ظاهر ٿيو آهي.

صدين کان سنڌ جو مزاج دنيا جي سڀني انسانن جي ڀلائي ۽ خوشحالي واري تصور هيٺ رهيو آهي. سنڌي سماج ۾ عام وهنوار هيٺ ان جي ثبوت لاءِ ڪيترائي مثال ڏيئي سگهجن ٿا.

اڳتي هلي جڏهن ڪن علمن وڌيڪ پرائڻ سان ماڻهن جي علمن ۾ واڌارو ٿيو  ته ان جو نتيجو اهو نڪتو آهي جو اڄ انسان چنڊ تي اجها اڏڻ بابت ويچاري رهيو آهي، ان ترقيءَ جو اثر سنڌ تي به پيو آهي، جنهن جو هڪ حوالو ئي مان کڻڻ چاهيندس ڇاڪاڻ ته هن لکڻيءَ جو دائرو ان هڪ حوالي جي آس پاس آهي، ۽ جيڪو حوالو آهي ”پاڻ سڃاڻڻ“

سنڌ جي بزرگن ۽ صوفين ان ”پاڻ سڃاڻڻ“ واري فلسفي کي ڪيئن ورتو، ان کي ڇڏي مان اهو چوڻ چاهيندس ته ان فلسفي کي اسان جي ذهين ۽ پڙهئي ڳڙهئي طبقي ڪيئن ورتو آهي؟ ضرور اهو مسئلو غلط رخ ۾ به پڙهي سگهجي ٿو پر مجموعي سنڌ جي نفسيات، مزاج ۽ رواداريءَ جي ابتڙ اسان جي نوجوانن جن کي اسان نهايت دل جي حضور سان ڪي اهم لقب ڏيڻ پسند ڪندا آهيون، جيڪي ذهين، ڏاهي،جديدي ۽ دانشور جهڙيون صورتون اظهاريندا آهن، انهن پاڻ سڃاڻڻ شروع ڪيو آهي.

۽ سچ پچ خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ته انهن پنهنجو پاڻ اهڙو سڃاتو آهي جو سنڌي  ماڻهن مجموعي طور شايد هنن کي ڪڏهن نه سڃاڻي سگهن.

جيتوڻيڪ سنڌين پنهنجي ضمير جي سچائي سان کين جيترو سڃاتو آهي، ان کان وڌيڪ ۽ ڪيترا ڀيرا وڌيڪ عزت/آبرو ۽ مان ڏنو آهي. پر سندن پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ وارو فلسفو اڄ اوج تي آهي.

هنن ”پاڻ سڃاڻڻ“ کان پوءِ پنهنجي باري ۾ جيڪو اظهار ڪيو آهي، اهو اهڙو آهي جنهن تي سنڌ اڳتي هلي فخر ڪندي، جڏهن کان هنن پنهنجو پاڻ سڃاتو آهي تڏهن کان هنن کان ٻيو سڀ ڪجهه وسري ويو آهي.

سنڌ، سنڌي ٻولي، سنڌي قوم ۽ ان جا مسئلا، سنڌي ادب، سنڌ جي ڏاهپ کين ۾ اچي واسو ڪيو آهي ۽ هو سراپا ”پنهنجو پاڻ“ ٿي پيا آهن. هاڻ کين کان ٻاهر ڪجهه به نه رهيو آهي، ڄڻ ته هو پنهنجو موضوع پاڻ بڻجي پيا آهن ۽ ”چوڏس چڻاڻو“  کين نظر اچي رهيو آهي.

کين چئني ڏسائن ۾ ڀٽائيءَ چواڻي”راڻو ئي راڻو“ نظر اچي رهيو آهي. در اصل جيڪو هو ”پاڻ“  ئي آهن، ڇاڪاڻ ته هاڻ هنن پاڻ سڃاتي ورتو آهي. کين کان ٻاهر ڪجهه آهي ڪو نه! گهٽ ۾ گهٽ سنڌي ۾ ان پاڻ سڃاڻڻ واري فلسفي اهو ڏسيو آهي.

هڪ نوجوان شاعر پنهنجو پهريون ڪتاب ڇپجڻ کان پوءِ پنهنجي هٿن اکرن سان پاڻ لاءِ ”عظيم“ لکڻ شروع ڪيو آهي، هڪ ڪهاڻيڪار ٽي ڪهاڻيون لکڻ ۽ انهن مان ٻه ڇپجڻ کان پوءِ پاڻ لاءِ سند جو ڪو نه ڪو نئون ”ثاني“ ٿيڻ جو نالو هٿ ڪري ورتو اهي، هڪ نوجوان سمجهه کان مٿانهون مضمون لکي پاڻ لاءِ ”ڏاهو“ لفظ ڳولي ورتو آهي. هڪ نوجوان اسٽيج تي تقرير ڪرڻ کان پوءِ پاڻ لاءِ ”ساڃاهه وند“  جهڙو سهڻو ۽ گهڻيون معنائون ڏيندڙ لفظ محفوظ رکيو آهي، ايئن هنن پنهنجو پاڻ سڃاڻي ورتو آهي.هڪ کان وڌيڪ ڪتاب ڇپجڻ واري لاءِ مٿان سڀ لقب سمجهڻ گهرجن.

جيتوڻيڪ هنن جا نظريا الڳ الڳ آهن پر هو پنهنجي پاڻ کي سڃاڻي ان سڃاڻ جو جيڪو اظهار ڪري رهيا آهن، اهڙو اظهار اڳ ڪڏهن به نه ٻڌو نه سُئو.

پر اهو سڀ ڪجهه هاڻ ٻڌڻ ۽ ڏسڻ آسان ٿي پيو آهي، ڇاڪاڻ ته سائنس جي حيرت انگيز ايجادن اسان کي پنهنجن ڏند ڪٿائي حيرت انگيزين کان پري ڪري هڪ  نئون فورم جوڙي ڏنو آهي جنهن کي ڪي پڙهيا ڳڙهيا سوشل ميڊيا ڪوٺين ٿا.

خوشي ڏيندڙ ڳالهه اها آهي ان ميڊيا تي اسان جي مٿي ٻڌايل لقبن وارن سنڌي نوجوانن، خاص ڪري انهن نوجوانن جن پنهنجو ”پاڻ“ سڃاتي ورتو آهي، ان سڃاڻ جو اظهار جنهن طريقي ۽ جنهن ٻوليءَ ۾ ڪري رهيا آهن، اها اهڙي ساراهه جوڳي آهي جو اها ساراهه ٻڌي ڪو احمق به لڄي ٿي وڃي. پر اسان جا ”پاڻ سڃاڻڻ“ وارا دوست/ليکڪ، ڏاها ايتري صلاحيت رکڻ کان به عاري آهن. کين کلڻ حاب هجڻ جو احساس به نه ٿي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اهي سڀ شخص جي ٻاهر جون ڳالهيون آهن، جڏهن پاڻ ۾ پيهي پاڻ سان روح رهاڻ ڪجي ٿي ته پوءِ سڀ ڪجهه ”پاڻ“ ئي هوندو آهي، ٻاهر ته چوڏس چٽاڻو هوندو آهي. ان ڪري سمجهڻ گهرجي ته اسان ”پاڻ“ سڃاڻي ورتو آهي ۽ هي سڀ عمل ان کان پوءِ جا آهن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قرآن جي سائنس پاڻي کي اسٽور ڪرڻ کان روڪي ٿي

عزيزالله  ٻوهيو هن ڳالهه جو ثبوت قرآن منجهان ملي ٿو ته پاڻيءَ کي ڊيم ٺاهي …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے