20 ہفتہ , جنوری 2018

ايم ڪيو ايم تي اڻ اعلاني بندش ۽ پڄاڻي جا اشارا

 زرار پيرزادو

  • اهي ماڻهو يا ڌريون جيڪي عالمي پسمنظر ۾ ملڪي معاملن کي نٿيون ڏسن تن کي ڪا ڳالهه سمجهه ۾ نه ٿي اچي ته ايم ڪيو ايم سان ڇا ٿي رهيو آهي ۽ ڇو ٿي رهيو آهي.
  • ايم ڪيو ايم ڏانهن اسٽيبلشمينٽ جي موجوده پاليسي جا پيرا عالمي سياست ڏانهن وڃن ٿا.
  • جڏهن کان آمريڪا ۽ پاڪستان وچ ۾ سرد جنگ شروع ٿي آهي ۽ پاڪستان ان نتيجي ۾ پنهنجو اتحادي چين ۽ روس کي بڻائڻ شروع ڪيو آهي تڏهن کان ايم ڪيو ايم ڏانهن به منهن موڙ ٿيڻ لڳي آهي.
  • سنڌ ۾ ايم ڪيو ايم جو وجود آمريڪا پنهنجي مفاد ۾ آندو هو ته جيستائين ڪراچيءَ کي فري پورٽ بڻائجي تيستائين ايم ڪيو ايم کي ڪراچيءَ ۾ ”سياسي چوڪيدار“ بڻائي ويهارجي.
  • پر جڏهن کان آمريڪا، ڀارت ڏانهن دوستيءَ جو هٿ وڌايو آهي ۽ پاڪستان تي سندس دشمن پالڻ جا الزام لڳايا آهن تڏهن کان پاڪستان به پنهنجو بلو ڪرڻ لاءِ ٻيا عالمي اتحادي بڻائڻ ڏانهن واجهايو آهي.
  • پاڪستان جي چين ۽ روس واري موجوده اتحاد ۾ ايم ڪيو ايم آمريڪا جي اتحادي هئڻ ڪري اهميت نه ٿي رکي، تنهن ڪري ان کي آهستي آهستي ڪمزور ڪري ختم ڪرڻ جي حڪمت عملي ٺاهي وئي آهي.
  • جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ پاڪستان ۾ سڌي مارشل لا هڻندي يا ايم ڪيو ايم تي سڌي پابندي مڙهندي ته آمريڪا کي موقعو ملي ويندو ته اهو پاڪستان جي غير جمهوري عمل کي روڪڻ لاءِ مداخلت ڪري ۽ اسٽيبلشمينٽ جي هر ممڪن ڪوشش آهي ته اها آمريڪا کي مداخلت جو موقعو نه ڏئي.
  • پر جيڪڏهن ايم ڪيو ايم وارا پاڻ ئي پاڻ ۾ وڙهي، هڪ ڏينهن اتحاد جون ڳالهيون ڪري ٻئي ڏينهن ڦري ويندا ۽ ماڻهو يا جڳ پاڻ تي کلائيندا ته سنڌ ۾ اردو ڳالهائيندڙ عوام ۾ به سندس خلاف نروار ٿيڻ جي همت پيدا ٿيندي.
  • فاروق ستار جي ٻئي ڏينهن واري پريس ڪانفرنس ۽ ان جي جواب ۾ مصطفيٰ ڪمال جي ٿيندڙ پريس ڪانفرنس اردو ڳالهائيندڙن کي سندن مان بيزار ڪرڻ جو ماحول ٺاهيو ۽ ٺاهيندي.
  • بلڪل ايئن جيئن الطاف حسين کي آهستي آهستي ڪراچي جي عوام لاءِ ”ڇٽل ڪارتوس“ بڻايو ويو تيئن آهستي آهستي ايم ڪيو ايم ۽ مهاجر سياست کي به دفن ڪيو ويندو.
  • پر جيڪڏهن اڳتي هلي پاڪ-آمريڪا جا لاڳاپا بهتر ٿيا ۽ موجوده سرد جنگ ختم ٿي ته پوءِ ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چگهه رهندا، تنهن ڪري ايم ڪيو ايم کي هڪدم ختم ڪرڻ بدران ان کي برقرار رکڻ جو به في الحال آپشن هٿ ۾ رکيو ويو آهي.
  • هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ان صورتحال ۾ سنڌ ۾ رهندڙ اردو ڳالهائيندڙن لاءِ اسٽيبلشمينٽ وٽ ڪهڙو پلان آهي ته ان سلسلي ۾ اسٽيبلشمينٽ وٽ مصطفيٰ ڪمال جو پروگرام، مصطفيٰ ڪمال ۽ فاروق ستار جو ڪنهن ٻئي منشور تحت گڏجڻ ۽ تحريڪ انصاف جو آپشن ڇڏيل آهي.
  • ڪن ايم ڪيو ايمي اڳواڻن پ پ قيادت سان به ملڻ شروع ڪيو آهي ۽ اهو نظارو ڏسي خوابن واري سياستدان نواب وساڻ جي اها اڳڪٿي ياد اچي رهي آهي جنهن ۾ هن چيو هو ته ايم ڪيو ايم ٽٽندي ۽ سندس ماڻهو پ پ ۾ شامل ٿيندا.
  • اسٽيبلشمينٽ جي موجوده پاليسي يا ايم ڪيو ايم ڏانهن ان جي رويي جو پرويز مشرف جي ان بيان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته ”مان چريو ناهيان جو ايم ڪيو ايم جهڙي لساني تنظيم جو اڳواڻ بڻبس“.
  • سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته ايم ڪيو ايم پاڪستان ۽ پاڪ سرزمين پارٽي کان ”مائنس ايم ڪيو ايم“ اتحاد ڪرائڻ، اردو ڳالهائيندڙن کي ايم ڪيو ايم جي خاتمي يا بندش جو اڻ اعلاني طور اطلاع ڏيڻ ۽ ان لاءِ ذهني طور تيار رهڻ جو اشارو هو.

هي به ڏسي سگهو ٿا

قادري جي ڪنٽينر تي مجيب ۽ گريٽر پنجاب جون ڳالهيون

گل  مورو هي علامه طاهر القادري جو ڪرشمو چئجي يا ملڪي اسٽيبلشمينٽ جو، جو ڪيتري …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے