18 جمعرات , جنوری 2018

جمهوريت لاءِ ڪجهه به سٺو نه پيو ٿئي!

امتياز عالم

سينيٽ جي چيئرمين ميان رضا رباني پارٽي سياست کان مٿانهون آهي ۽ چئي ٿو ته صورتحال انتهائي خراب آهي، بدقسمتيءَ سان سواءِ اڳوڻي وزير اعظم ميان نواز شريف ۽ سندس جماعت جي ڪير به هن کي نه ٿو ٻڌي. رضا رباني پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي ڪجهه سينٽرن سان گڏجي درست سياسي معاملا اٿاريندو رهيو آهي پر مشڪلاتن ۽ مصيبت جي ور چڙهيل سياست طرفان ان تي ڪو به ڌيان نه ٿو ڌريو وڃي، جنهن جو نتيجو اڳي پوءِ نظام ۽ هڪ جمهوري حڪومت کان ٻي جمهوري حڪومت ڏانهن اقتدار جي منتقليءَ  واري عمل کي هاڃي رسڻ جي صورت ۾ ئي نڪري سگهي ٿو. اصل ۾ هو جيڪي ڪجهه چئي رهيو آهي، هو ”ميثاق جي جمهوريت جي عين مطابق آهي“. جنهن مان مسلم ليگ نواز توڙي پاڪستان پيپلز پارٽي واري واري سان دغا پئي ڪئي آهي.

رضا رباني چئي ٿو ته ”پاڪن جي هن وطن“ ۾ ڪجهه به ٺيڪ نه پيو ٿئي ۽ اهو ته رياست جي ادارن کي ”غير آئيني مداخلت جو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي“ جيڪو عدليا جو حد کان ٻاهر نڪري اچڻ ۽ فوج جو تسلط آهي. آئين جي بالادستيءَ وارو پنهنجو موقف ورجائيندي هن طاقت جي ٽن مرڪزن جو ذڪر ڪيو آهي ۽ سوال اٿاريو آهي ته فيصلي سازيءَ ۾ بااختيار آخر ڪير آهي؟ عوام جي چونڊيل پارليامينٽ يا اڻ چونڊيل عدليا۽ فوجي ادارا؟.  ادارن ۽ سياسي جماعتن وچ ۾ قومي ڊائلاگ وارو پنهنجو موقف ورجائيندي، هن ٽيڪنوڪريٽ سرڪار سڌي يا اڻ سڌي فوجي راتاهي کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته احتساب جي عمل ۾ ڪنهن مقدس ڳئون کي ڇڏي ڏيڻ درست نه ٿيندو، احتساب هر ڪنهن جو ضروري آهي.هن ارڙهين ترميم ۾ رڪاوٽن جو به سخت نوٽيس ورتو آهي.

اڄ ڪلهه ملڪ جي سينيٽ ۾ انهن اهم معاملن جو پڙاڏو آهي پر اسان جي مکيه قومي سياست ۽ ميڊيا بس هڪ هنڌ اٽڪي بيٺل آهي ته اڳوڻو وزيراعظم نواز شريف ڏوهي آهي يا نه. ٻيو ته نيب طرفان 208 ماڻهن جي احتساب جي پت عمر چيما اخبار اندر پنهنجي تحقيقاتي رپورٽ ۾ وائکي ڪري ڇڏي آهي.

جيتري قدر قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر جو تعلق آهي ته هو پنهنجي وقت آهر آدمشماري 2017 ع جي صوبائي نتيجن جي بنياد تي قومي اسيمبليءَ جي نئين تڪبندين جي معاملي تي اڳڀرائيءَ لاءِ ڀرپور ڪوششن ۾ رڌل آهي.

1988ع واري آدمشماري (13 ڪروڙ) ۾ 57 سيڪڙو اضافو ٿيڻ باوجود پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا پاڻ کي لبرل جماعت سڏائي ٿي سا 77.8 سيڪڙو اضافي ماڻهن کي نظرانداز ڪندي آدمشماري 1988ع تحت تڪبندين ڪرائڻ لاءِ زور ڀري رهي آهي. آدمشماريءَ تي سنڌ جا خدشا ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڏايو وڃي.

ان ۾ ڪو به شڪ ناهي ته وفاقي ورڇ جوڳي پول ۾ صوبن جو حصو تمام گهڻي اهميت رکي ٿو پر عام چونڊون وقت سر ٿيڻ واري معاملي کي لوڏن ۾ وجهڻ ڪنهن به صورت ۾ سٺي سياست ناهي. وزيراعظم کي سنڌ جا ۽ ٻين صوبن جا آدمشماريءَ بابت خدشا ختم ڪرڻ ۽ نئين آدمشماريءَ جي بنياد تي نين تڪبندين آهر وقت تي عام چونڊن کي يقيني بڻائڻ لاءِ فوري طور گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس سڏائڻ گهرجي. آدمشماريءَ جي انگن اکرن جي تصديق لاءِ بغير ڪنهن تعصب جي سروي ٿيڻ گهرجي. پ پ ۽ نواز ليگ ۾ برقرار ڊيڊ لاڪ جي نه ٿو ٽٽي ته معاملو سپريم ڪورٽ ۾ ويندو ۽ چونڊون ملتوي ٿي سگهن ٿيون. اها اهڙي اڻ وڻندڙ صورتحال هوندي، جيڪا ٻنهي پارٽين لاءِ قطعي به پسنديده نه هوندي.

خوش قسمتيءَ جي ڳالهه هي آهي ته سڀئي جماعتون چاهن ٿيون ته 2018ع واريون چونڊون مقرر وقت تي ٿين، سواءِ پاڪستان تحريڪ انصاف جي جيڪا چونڊون وقت کان اڳ يا پوءِ پنهنجي مفاد وٽان ٿيڻ ٿيندي چاهي ٿي. جيڪڏهن هي معاملو پارليامينٽ ۾ ئي حل ٿيڻو آهي ته پوءِ ان ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. جو ٻيا ادارا اچي مداخلت ڪن.

عام چونڊون وقت تي ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ پارليامينٽ کي نئين آدمشماريءَ جي بنياد تي گهربل ضرور اپاءَ وٺڻ گهرجن. توڙي گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس ٿئي به ٿو تڏهن به پنجاب جي ڀيٽ ۾ سنڌ کي قومي سيٽون گهٽجڻ جو ڪو مسئلو نه ٿيندو. ڇو جو پنجاب جون سيٽون گهٽجي وينديون ۽ خيبرپختونخوا ۽ بلوچستان اهي خوشنصيب صوبا هوندا جن جون قومي اسيمبليءَ ۾ سيٽون وڌنديون. هن پارليامينٽ جي مينڊيٽ بابت به گهڻو ڪجهه چيو پيو وڃي، اهڙيون به سيٽون ٿيون آهن جيڪي آئين ۽ جمهوري اصولن سان مطابقت نه ٿيون رکن.

ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته سپريم ڪورٽ طرفان هڪ ٻئي وزيراعظم جي تڪراري نااهليءَ جي ڪري 2013ع واري عوامي مينڊيٽ کي شديد ڌچڪو رسيو هو. پاڪستان پيپلز پارٽي آئين جي آرٽيڪل 183 (3) ترميم توڙي ٻيا اهڙا آئيني ختم ڪرڻ جو ڪيس ڳائيندي رهي آهي، جنهن ذريعي ڪو نه ڪو بهانو ڄاڻائي چونڊيل حڪومت کي گهر ڀيڙو پئي ڪيو ويندو رهيو آهي. توڙي جو ”ميثاق جمهوريت“ ۾ به سولين پارليامينٽ بالادستيءَ جي ڳالهه زور ڏئي چيل آهي. تنهن باوجود سينيٽ چيئرمين جي سڌي موقف تي قومي سياست هٻڪ جو شڪار آهي.

رضا رباني پنهنجي سياسي ڪيريئر جي افق کي اچي پهتو آهي، وفاقي يونٽن جي ايوان جي امين جي حيثيت ۾ هو آئيني قدم کڻندي ۽ سڄي ايوان کي آئيني سڌارن واري ڪميٽيءَ ۾ ڇو ڪو نه ٿو تبديل ڪري ته جيئن سڀني جماعتن جي پت وائکي ٿئي ته اهي پنهنجي پنهنجي جوهر ۾ ڪيتريون جمهوري آهن.سينيٽ کي مجموعي آئين تي نظرثاني ڪندي پارلياماني جمهوريت چونڊيل ادارن، مڪاني حڪومتن، سولين بالادستي هر ڪنهن جي احتساب ذريعي نظام جي شفافيت کي مضبوط بڻائڻ ۽ رنگ، نسل، مذهب، ذات پات کان هٽي ڪري سڀني شهرين لاءِ هڪ جهڙا حق واري عمل کي يقيني بڻائڻ لاءِ آئيني سڌارا آڻڻ گهرجن.

هڪ پاسي پاڪستان پيپلز پارٽي اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف کي ڪو رليف ڏيڻ لاءِ تيار ناهي، جڏهن ته مسلم ن وري چاهي ٿي ته سندن اڳواڻ جي نااهلي ختم ٿئي. ملڪ جي وسيع سياسي منظرنامي ۾ ٻنهي جماعتن لاءِ اهڙا مسئلا به آهن، جن کي پٺتي رکندي هي ٻئي جماعتون اختلاف رکندي عظيم مقصد کي پارليامينٽ ۾ اڳتي وڌائيندي گڏوگڏ هلي سگهن ٿيون.ڪجهه اڻ ڏٺين ڏکيائين سان گڏوگڏ واحد خرابي اها آهي ته پاڪستان انهن سان گڏجڻ ۽ گڏ ويهڻ لاءِ تيار ناهي، جن کي ان اخلاقي طور تباهه ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش پئي ڪئي آهي.

عمران خان پنهنجي مخالفن خلاف لاڳيتو اثرائتي مهم پئي هلائي آهي ۽ ڪرپشن کي محور بڻائي هلايل مهم جو کيس فائدو به رسيو آهي. وقت اچي ويو آهي ته هو هر ڪنهن جي احتساب ۽ ڪرپشن جي خاتمي لاءِ نظام جي سڌارن جو منصوبو بڻائي. مقبول چونڊيل اڳواڻ جي پنهنجي پنهنجي ايجنڊا تي عمل جي راهه ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ توڙي ٻين درپيش للڪارن کي نظرانداز ڪرڻ سان عمران خان جي ملڪ جو اڳواڻ چونڊجي به وڃي ٿو ته اهي ساڳيون ڏکيائيون کيس به منهن پئجي سگهن ٿيون ۽ ساڻس به اهڙو المناڪ حشر ٿي سگهي ٿو، جهڙو ملڪ جي لڳ ڀڳ مڙني مقبول اڳواڻن سان ٿيو آهي.

هي وقت سندس مهم جوئي جو وقت ناهي جيڪو سندس سياسي ڪيريئر لاءِ ڌچڪي جو سبب به بڻجي سگهي ٿو ته وقت اچي ويو آهي ته سڀئي پارلياماني قوتون پارليامينٽ جي پٺيان هجن ۽ جيڪي ڪجهه سينيٽ چيئرمين رضا رباني ورجائي روجائي چئي رهيو آهي، تنهن تي ضرور ڌيان ڏين.

هي به ڏسي سگهو ٿا

احتجاج واري سياست آخرڪيستائين..؟

مصطفيٰ  جمالي پاڪستان پيپلزپارٽي جي ڪو چيئرمين آصف علي زرادي  پنهنجي سموري سياسي وفد سان …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے