20 خميس , سيپٽمبر 2018

پاڪستان کي معلوم آهي آمريڪا افغانستان مان نه پيو وڃي: ايلس ويلز

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ۽ افغانستان لاءِ آمريڪي خاص نمائنده ايلس ويلز چيو آهي ته پاڪستان کي خبر آهي ته آمريڪا افغانستان مان نه وڃي رهيو آهي ۽ اسان طالبان کي شڪست ڏيڻ لاءِ پرعزم آهيون، آمريڪي خابرو اداري سان ڳالهائيندي ايلس ويلز جو چوڻ هيو ته اسان ان ڳالهه کي تسليم ڪريون ٿا ته پاڪستان جا افغانستان ۾ پنهنجي قومي سلامتي جي حوالي سان جائز هدف آهن ۽ اسان جو موقف آهي ته انهن هدفن کي حاصل ڪرڻ جو بهترين طريقو ڳالهيون آهن ۽ طالبان تي دٻاءُ وجهڻ تي ڳالهين جي ميز تي اچڻ جو وقت اچي ويو آهي، هن چيو ته دهشتگرد گروهن ذريعي اڄ دنيا ۾ دفاعي هدف حاصل نٿا ڪري سگهجي، حقيقت ۾ اسان ڏسي رهيا آهيون ته اهڙن گروهن سبب پاڪستان جو اعتدال پسند معاشرو ۽ مذهبي رواداري متاثر ٿي آهي، ايلس ويلز جو وڌيڪ چوڻ هيو ته پاڪستان معاشري طور  تبديل ٿي رهيو آهي، انهن ۾ ڪجهه منفي تبديلين تي ڪجهه حلقن ۾ خدشا آهن، دهشتگرد گروهه پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرو آهن، چاهي اهو حقاني نيٽ ورڪ هجي يا جيش محمد يا لشڪر طيبه هجن.

هي به ڏسي سگهو ٿا

ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمتن ۾ واڌ

 نئين دهلي(ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي اگهن ۾ ڇهين ڏينهن به اضافو …

جواب دیں

آپ کا ای میل ایڈریس شائع نہیں کیا جائے گا۔ ضروری خانوں کو * سے نشان زد کیا گیا ہے